Book Name:Nekiyan Chupayye

يعليٰ ج 4 ص 278 حديث 4897) ٭ منجهند جو قيلولو (ڪجھ دير ليٽڻ) مستحب آهي۔ (فتاويٰ هندية،۵/۳۷۶) ٭ صدرُالشَّريعه، بدرُالطريقه حضرت علامه مولانا محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه فرمائن ٿا؛ غالباً هي انهن ماڻهن جي لاءِ هوندو آهي جيڪي رات جو جاڳندا آهن، رات جو نمازون پڙهندا آهن، ذِڪر الـٰهي ڪندا ۽ ڪتاب پڙهڻ يا مطالعو ڪرڻ ۾ مشغول رهندا آهن ته جيئن رات جو جاڳڻ ۾ جيڪا ٿڪاوٽ ٿي سا قيلولي سان ختم ٿي وڃي۔ (بهارشريعت ج 3 ص 435) ٭ ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ سمهڻ مڪروهه آهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 376) ٭ سمهڻ لاءِ مستحب اهو آهي ته پاڪائي سان سمهي ۽ ٭ ڪجھ دير ساڄي پاسي هٿ ڳل جي هيٺان رکي قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهي ۽ ان کان پوءِ کاٻي پاسي سمهي۔ (ايضا) ٭ سمهڻ وقت يادِ خدا ۾ مشغول هجي، تهليل، تسبيح ۽ تحميد پڙهي۔ (يعني لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللهُ، سُبْحٰنَ الله ، ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ جو وِرد ڪندي رهي) ايستائين جو سمهي پوي انسان جنهن حالت تي سمهندو آهي اُن تي ئي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي اُن تي ئي قيامت جي ڏينهن اٿندو۔ (ايضا) ٭ جاڳڻ کان پوءِ هي دعا پڙهو؛ اَلْحَمْدُ لِلّٰه الَّذِيۤ اَحْيانَا بَعْدَ مَآ اَمَا تَنَا وَاِلَيه النُّشُوْرُ۔ (بخاري،۴/۱۹۶،حديث: ۶۳۲۵) ترجمو؛ سڀ تعريفون الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ زندهه ڪيو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي۔ ٭ جڏهن ڇوڪري يا ڇوڪرِيءَ جي ڄمار ڏهه سال ٿئي ته انهن کي الڳ الڳ سمهارڻ گھرجي۔ (درمختار و رد المحتار ج 9 ص 629)   

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ