Book Name:Nekiyan Chupayye

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يا رکو! نيڪيون لڪائڻ جو مقصد نيڪيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ آهي، ڇوته نفس و شيطان انسان جا کليا دشمن آهن. نفس و شيطان انسان کي نيڪيون ڪرڻ کان روڪيندا آهن ۽ جيڪڏهن انسان همت ڪري نيڪي ڪري به وٺي ته نفس و شيطان انسان جي دل ۾ نيڪين جي اظهار جي خواهش پيدا ڪندا آهن ته جيئن ٻانهو پنهنجا نيڪ اعمال ٻڌائي پنهنجون نمازون، تلاوت، ذڪر و اذڪار، صدقو ۽ خيرات وغيره وغيره ٻڌائي پنهنجي تعريف ڪرائي ۽ تڪبر جي کڏ ۾ وڃي ڪري ته جيئن ٻانهو حب جاھ(يعني پنهنجي عزت کي پسند ڪرڻ) جي مرض ۾ مبتلا ٿئي ته جيئن ٻانهو رياڪاري جي تباهڪاري ۾ برباد ٿئي وڃي.

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي اهو گهرجي ته پنهنجي ڪنهن به نيڪ عمل کي جيترو ٿئي سگهي لڪايون، بنا ضرورت ڪنهن کي نه ٻڌايون. ڇوته نيڪين جو اظهار ڪرڻ سان انسان جي نيڪين ۾ ڪمي ٿئي سگهي ٿئي، نيڪين جو اظهار ڪرڻ سان انسان جون نيڪيون برباد ٿئي سگهن ٿيون ۽ نيڪين جو اظهار ڪرڻ سان انسان گناهگار به ٿئي سگهي ٿو. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، نيڪي ڪري ان کي لڪائڻ مشڪل آهي ناممڪن ناهي. نيڪي ڪرڻ ۾ مشقت ٿيندي آهي پر نيڪي لڪائڻ جي مشقت، نيڪي ڪرڻ جي مشقت کان به وڌيڪ آهي. جيئن

معلمِ انسانيت، نبي رحمت، شفيع امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: بيشڪ عمل ڪري ان کي رياڪاري کان بچائڻ عمل ڪرڻ کان وڌيڪ مشڪل آهي ۽ انسان ڪو عمل ڪندو آهي ته ان جي لاءِ اهڙو نيڪ عمل لکيو ويندو آهي جيڪو تنهائي ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي لاءِ ستر (70) ڀيرا ثواب وڌايو ويندو آهي، پوءِ شيطان ٻانهي کي اڀاريندو رهندو آهي ايسيتائين جو اهو هن