Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

جي ويجھو نه ويو، حضرت سيدنا ابوبڪر صديق ئي هڪ قريشي کي ماريو، ٻئي کي ڌڪو ڏنو ۽ ٽئين کي چيڀاٽيندي سڀني کي پوئتي هٽايو ۽ چيائون: افسوس آهي توهان تي! اهڙي شخصيت کي شهيد ڪرڻ چاهيو ٿا جيڪو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي۔ اهو واقعو ٻڌائڻ کان پوءِ حضرت علي المرتضي شير خدا ڪرَّمَ الله وَجْهه الْڪرِيم پنهنجي مٿان چادر هٽائي ۽ زارو قطار روئڻ لڳا ۽ ايترو رُنا جو ڏاڙھي لڙڪن سان تر ٿي وئي، پوءِ ارشاد فرمايائون، انسانو: مان توهان کي خدا جو واسطو ڏئي پڇان ٿو، مون کي ٻڌايو ته آلِ فرعون جو مومن بهتر هو يا حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه؟ (هتي اها ڳالھ ياد رکو ته آلِ فرعون جو مومن ڪير هو؟ اهو فرعون جي قوم جو هڪ شخص هو جيڪو حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي ايمان آڻي چڪو هو پر ان پنهنجو ايمان ظاهر نه ڪيو، پنهنجي قوم کان به ان پنهنجو ايمان لڪايو هو۔ بعد ۾ جڏهن فرعون ۽ ان جا ساٿي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي قتل ڪرڻ لڳا ته ان انهن کي هن بري ارادي کان باز رکيو هو۔) ته جڏهن حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه ماڻهن کي فرمايو ته مان توهان کي خدا جو واسطو ڏئي پڇان ٿو، مون کي ٻڌايو ته آلِ فرعون جو مومن بهتر هو يا حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه؟ ته تمام ماڻهو خاموش رهيا۔ حضرت علي فرمائڻ لڳا: مون کي جواب ڇو نٿا ڏيو؟ پوءِ پاڻ ئي ارشاد فرمايائون ته خدا جو قسم! ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زندگي جو هڪ لمحو آلِ فرعون جي مومن جهڙي شخص جي ڪيئي ڪلاڪن کان بهتر آهي، ڇو جو ان ٻانهي ته پنهنجي ايمان کي لڪائي رکيو هو ۽ حضرت صديق اڪبر ته پنهنجي ايمان جواعلانيه اظهار ڪندا هئا. (مسند البزار ، ومما روي محمدبن عقيل عن علي ، ۳ / ۱۴ ، الحديث : ۷۶۱ ملخصا) ۽ مڪي مدني حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حمايت جو ڪم به ڪندا هئا ۽ ڪنهن جي پرواھ نه ڪندا هئا۔ ان ڪري جو سندن زندگي انهيء کان شروع ٿيندي آهي ۽ ان تي ختم ٿيندي آهي پوءِ ڇونه چئجي.

پروانے کو چراغ ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس