Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

          حضرت صدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي مال مان مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اهڙي خدمت ڪئي جو آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود ارشاد فرمايو: مون کي ڪنهن جي مال ايترو فائدو نه ڏنو جيترو ابوبڪر صديق جي مال ڏنو۔(سنن ابن ماجۃ ، ڪتاب السنۃ ، باب في فضائل اصحاب رسول الله ، ۱ / ۷۲ ، الحديث : ۹۴)

          حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اهڙي عقيدت ۽ محبت کي ڏسي چوڻو پوي ٿو ته

پروانے کو چراغ ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هاڻي اسان حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زندگي جي جن پهلوئن بابت ٻڌو آهي هن مان اسان کي اهو درس مليو ته اسان به پنهنجي زندگي کي دين جي تابع ڪريون۔ انهن جو حال اهو هو جو تن من ڌن سڀ راھ خدا ۾ قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان دين جي خدمت ۾ پنهنجو ڪيترو حصو شامل ڪري رهيون آهيون۔ چاهي اهو حصو مال جو هجي يا وقت جو، ڇوته اڄ هڪ تعداد آهي جنهن وٽ ”وقت ناهي“. هڪ تعداد اهڙي به آهي جو جنهن وٽ وقت به آهي پر ان جو استعمال درست ناهي. جڏهن ته سچي عاشقِ رسول، حضرت سيدنا صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو معاملو اهو هو جو تڪليفون سهي به دين جي تبليغ کي، نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ نه ڇڏيو اسان جو معاملو اهو آهي جو آسانين ۽ آسائشن جي باوجود نيڪي جي دعوت ناهي ڏني ويندي، انهن جو معاملو اهو هو جو انهن جي زندگي جو هر قدم دين جي سربلندي جي لاءِ کڄندو هو، جڏهن ته اسان جو معاملو اهو آهي جو اسان پاڻ ڪيئي فرض ۽ واجبات فقط پنهنجي سستي سان ڇڏي ڏينديون آهيون۔ انهن جو معاملو اهو هو جو دين کي ضرورت پوندي هئي ته پنهنجي گھر جو سمورو مال راھ خدا