Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

ڪنهن ڇا ته خوب چيو آهي:

 “ میری زندگی کا مقصد تیرے دِیں کی سرفرازی      میں اسی لیے مسلماں میں اسی لیے نمازی “

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! يقيناً جڏهن جيئڻ مرڻ، اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، سمهڻ جاڳڻ، مطلب ته! زندگي جا سمورا ڪم الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ ٿي وڃن ته الله جي رحمت ملي ويندي آهي۔ جيڪڏهن اسان تاريخِ اسلام تي نگاھ وجھون ته اهڙيون ڪيئي شخصيتون نظر اچن ٿيون جن جو هر هر ڪم رضاءِ الٰهي جي لاءِ هوندو هو۔ خاص طور تي صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ته اها مقدس جماعت آهي جن جي تربيت خود الله جي آخري رسول رسولِ مقبولصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي۔ رضاءِ الٰهي جي مطابق زندگي ڪيئن گذاري وڃي انهن کان وڌيڪ ڪنهن کي خبر هوندي۔ بلڪ رضاءِ الٰهي جي مطابق زندگي ڪيئن گذاري ويندي آهي، انهن ئي امت کي سيکاريو آهي۔ صحابَه ڪرام جي هن مقدس جماعت ۾ به خاص طور پهريان خليفه راشد، عاشقِ اڪبر، اَمير المؤمنين حَضرتِ سيدنا ابوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت ۽ حياتِ مقدسه اسان جي لاءِ روشن مثال آهي۔ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندن سڄي زندگي رضاءِ الٰهي ۾ گذاري۔

    الله پاڪ جو اهو فرمان ته ”منهنجي نماز ۽ منهنجون قربانيون ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سڀ الله جي لاءِ آهي“ هن شعر مان سندن زندگي بخوبي واضح ٿئي ٿي ته

پروانے کو چراغ ، بُلْبُل کو پھول بس

صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس

          اچو! اڄ جي بيان ۾ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زندگي جا اهڙا ئي ڪجھ واقعا ۽ حڪايتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون جن مان اهو معلوم ٿيندو ته واقعي عاشقِ صادق، يارِ غار يارِ مزار حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه الله پاڪ جي لاءِ هو۔