Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus
جي مطابق هجي، اسان جو ويهڻ شريعت جي مطابق هجي، اسان جو سمهڻ شريعت جي مطابق هجي، اسان جو پائڻ شريعت جي مطابق هجي، اسان جو ڳالهائڻ شريعت جي دائري ۾ هجي، اسان جو ٻڌڻ به شريعت جي دائري ۾ هجي، اسان جو پڙھڻ شريعت جي دائري ۾ هجي، ته اسان جو پڙھائڻ به شريعت جي مطابق هجي۔ مطلب ته! اسان جي هڪ هڪ ادا ۽ اسان جو هڪ هڪ ڪم شريعت جي مطابق هجي، اهو ئي هڪ مسلمان جو ڪم هئڻ گھرجي ته ان جو جيئڻ، مرڻ، عبادت، رياضت سڀ ڪجھ الله پاڪ جي لاءِ هئڻ گھرجي۔ قرآنِ پاڪ ۾ به انهيء ڳالھ جي رهنمائي فرمائي وئي آهي، جيئن سيپاري8، سورة انعام جي آيت نمبر162 ۾ ارشاد ٿئي ٿو.
قُلْ اِنَّ صَلَاتِیْ وَ نُسُكِیْ وَ مَحْیَایَ وَ مَمَاتِیْ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَۙ(۱۶۲) (پ۸،الانعام:۱۶۲)
ترجمو ڪنز الايمان: تون فرماءِ بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجون قربانيون ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سمورو الله جي واسطي آهي جيڪو سمورن جهانن جو رب آهي.
تفسيرِ صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي حوالي سان آهي: هن آيت ۾ جيڪو ڪجھ فرمايو ويو آهي اهو حقيقت ۾ هڪ مومن جي زندگي جي عڪاسي آهي جو مسلمان جو جيئڻ، مرڻ، ۽ عبادت و رياضت سڀ ڪجھ الله پاڪ جي لاءِ هئڻ گھرجي۔ زندگي الله پاڪ جي رضا جي ڪمن ۾ ۽ جيئڻ جو مقصد الله پاڪ جي دين جي سربلندي هجي۔ اهڙي طرح مرڻ پڻ ايمان جي حالت ۾ ٿئي ۽ ٿي سگھي ته ڪلمهءِ حق بلند ڪرڻ جي لاءِ هجي۔ اهڙي طرح عبادت جو شرڪِ جلي يعني واضح شرڪ کان پاڪ هئڻ ته بهرحال ايمانيات ۾ داخل آهي، عبادت شرڪِ خفي يعني رياڪاري کان به پاڪ هجي ۽ خالص طور تي الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هجي۔
(تفسير صراط الجنان،۳/۲۵۸)