Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus

ويا۔ جڏهن سندن جي قبيلي وارن کي خبر پئي ته اهي ڊوڙندا آيا ۽ مشرڪن کي کين کان پري هٽايو، ۽ گھر کڻي ويا، سندن تشويشناڪ حالت ڏسي انهن کي ائين لڳو ته پاڻ زندھ نه رهي سگھندا، ان ڪري انهن بيتُ الله ۾ اچي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ابوبڪر زندھ نه رهيو ته اسان انهن جي بدلي ۾ عتبه بن ربيعه کي ضرور قتل ڪنداسين۔ اهو اعلان ڪري اهي ٻيهر سندن وٽ آيا۔ نيٺ ڏينهن جي آخري حصي ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي هوش آيو۔ جڏهن قبيلي وارن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان خيريت معلوم ڪئي ته سندن جي زبان مان سڀ کان پهريون جملو اهو نڪتو ته رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪهڙي حال ۾ آهن؟ اها ڳالھ ٻڌي قبيلي جا ڪيئي ماڻهو ناراض ٿي هليا ويا ته جنهن جي ڪري اهو سڀ ٿيو آهي اڃان تائين پاڻ ان جو نالو وٺي رهيا آهن۔ ماڻهن سندن والده اُمُّ الخَير کي چيو ته انهن کي ڪجھ کارايو پيئاريو۔ سندن والده جڏهن ڪجھ کائڻ پيئڻ جي لاءِ چونديون هيون ته پاڻ صرف هڪ ئي جملو چوندا هئا: رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَڪهڙي حال ۾ آهن؟ مون کي صرف انهن جي خبر ڏيو۔ اها حالت ڏسي سندن والده چوڻ لڳيون: الله جو قسم! مون کي خبر ناهي! پاڻ چيائون: اوهان اُمّ جميل بنت خطاب (حضرت عمرفاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڀيڻ) وٽ وڃو ۽ انهن کان حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ پڇي اچو۔ سندن جي والده ڊوڙي وڃي بي بي اُمّ جميل وٽ پهتيون ۽ چيائون ته’’منهنجو پٽ ابوبڪر اوهان کان پنهنجي دوست محمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جي باري ۾ پڇي رهيو آهي ته اهي ڪيئن آهن؟ (اُمّ جميل به اسلام قبول ڪري چڪيون هيون جيئن ته اڃان انهن کي اسلام خفيه رکڻ جو حڪم هو ان ڪري) انهن چيو: مان ته انهن کي نٿي سڃاڻان، ها! جيڪڏهن اوهان چئو ته مان اوهان سان گڏ اوهان جي پٽ وٽ هلان ٿي۔ ٻئي حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ پهتيون۔ بي بي اُمّ جميل صديقِ اڪبر کي زخمي ۽ بيحال ڏسي پريشان ٿي ويون، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه انهن کان اهو ئي پڇيو ته رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَڪهڙي حال ۾ آهن؟ بي بي اُمّ جميل سندن جي والده ڏانهن اشارو ڪيو ته

اها ٻڌي رهي آهي۔ پاڻ فرمايائون: انهن جو فڪر نه ڪيو،