Book Name:Siddiq K Liay Khuda Aur Rasool Bus
توهان ٻڌايو انهن چيو: پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ محفوظ آهن ۽ بلڪل خيريت سان آهن. فرمايائون: خدا جو قسم! مان ان وقت تائين نه ڪجھ کائيندس ۽ نه پيئندس جيسيتائين پنهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بذاتِ خود ڏسي نه وٺان۔ جڏهن سڀئي ماڻهو هليا ويا ته سندن والده ۽ اُمِّ جميل بنۡتِ خطّاب سندن کي سهارو ڏئي شهنشاھِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ وٺي ويون، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي عاشقِ کي ڏٺو ته روئڻهارڪا ٿي ويا ۽ اڳتي وڌي انهن کي سيني سان لاتو ۽ انهن کي چمڻ لڳا، زخمن سان چور صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڏسي حضور عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام تي گھڻي رِقّت طاري ٿي، ان تي صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارَسُوۡلَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قُربان، مان ٺيڪ آهيان بس چهرو ٿورو زخمي ٿي ويو آهي۔ (تاريخ مدينه دمشق،ج۳۰،ص۴۹،البدايۃ والنھايۃ، ج۲، ص۳۶۹)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڏٺو اوهان ته حضرت سيدنا صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو الله جي پياري رسول، بي بي آمنه جي گل صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڪيترو مضبوط تعلق هو، سڄو بدن زخمن سان چور چور آهي، چهرو به زخمي آهي، سڄو قبيلو به ناراض ٿي رهيو آهي، گھر وارا به پريشان آهن، پر ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بغير بس هڪ ئي جملو زبان تي آهي ته مون کي ٻڌايو منهنجي محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڇا حال آهي؟ ڄڻ ته حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه عملي طور تي باقي دنيا تائين جي مسلمانن کي اهو درس ڏئي ويا ته جيئڻ آهي ته به مصطفيٰ جي لاءِ، مرڻ آهي ته به مصطفيٰ جي لاءِ۔ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي انهيء عشق ڀري معمولات کي ڏسي چوڻو پئي ٿو ته
پروانے کو چراغ ، بُلْبُل کو پھول بس
صدّیق کیلئے ہے خُدا اور رسول بس