Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
ٿو، ڇا ٻار، ڇا جوان فيس بُڪ کولي بَس لڳل هوندا آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ گُنَاھ جو خدشو نه بلڪ کوڙ خدشات آهن، تمام گھڻو مشڪل آهي جو ماڻهو سوشل ميڊيا جو گھڻو استعمال ڪري ۽ بدنگاهي ۽ ان جھڙن ٻين سنگين گُنَاهن کان بچي وڃي۔ هن جو هي مطلب نه آهي ته سوشل ميڊيا جو درست استعمال به منع آهي، فيس بُڪ، واٽس ايپ، يوٽيوب وغيره جا سٺا پهلو به آهن ۽ ڪرڻ وارا هن جو سٺو استعمال به ڪن ٿا، البته پرهيزگاري اها ئي آهي ته جنهن کي واقعي انهن شين جي ضرورت هجي، هو ضرورت موجب استعمال ڪري، نه ته عافيت انهيء ۾ آهي جو سوشل ميڊيا کان پري ئي رهيو وڃي ڇاڪاڻ ته هنن جي ذريعي گُنَاهن ۾ ڦاسجڻ جو شديد ترين انديشو آهي * اهڙي طرح هڪ نهايت عام مثال پريشان نظري (يعني هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي هلڻ) به آهي، اسان جي دَور ۾ ته هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي هلڻ سخت تشويش ناڪ آهي، رستن تي وڏا وڏا سائِن بورڊ لڳل هوندا آهن، انهن تي بي پرده عورتن جون تصويريون به هونديون آهن بلڪه هاڻي ته S.M.D اچي وئي، روڊن تي تشهير جي لاءِ باقاعِده وِيڊيو هلي رهي هوندي آهي، اُنهن ۾ پڻ عورتون هونديون آهن، هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، منهن کڻي هلڻو آهي جائِز (يعني هن ۾ گُنَاھ نه آهي) پر ان جي ڪري بدنگاهي جي گُنَاھ ۾ پوڻ جو انديشو گھڻو آهي۔ ان ڪري تقويٰ هي آهي جو ماڻهو نگاهون جھڪائي هلي ۽ هلڻ جو سُنّت طريقو به اهو ئي آهي۔ مفتيء دعوتِ اسلامي، مفتي محمد فاروق عطاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نگاهن جي حفاظت جو وڏو جذبو هو، پاڻ ضرورت جي لاءِ موٽر سائيڪل رکي هئي پر پاڻ ان ڪري موٽر سائيڪل وڪڻي ڇڏي جو روڊ تي موٽر سائيڪل هلائيندي نگاهون هيٺ رکڻ مشڪل هو ۽ بدنگاهي ۾ پوڻ جو وڏو انديشو رهندو هو۔
سُبْحٰنَ الله! هي آهي تقويٰ! الله پاڪ اسان کي به تقوي جي نعمت نصيب فرمائي۔