Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
مسلمانن جو چوٿون خليفو امير المؤمنين حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عنۡه فرمائي ٿو: پرهيزگاري 4 شين جي مجموعي جو نالو آهي: ❶:اَلْخَوْفُ مِنَ الْجَلِيلِ (يعني خوفِ خُدا) ❷: اَلْعَمَلُ بِالتَّنْزِیْل (يعني قرآنِ ڪريم تي عَمَل ڪرڻ) ❸: اَلْقَنَاعَۃُبِالْقَلِیْلِ (يعني ٿوري تي راضِي رهڻ) ❹: اَلْاِسْتِعْدَادُ لِیَوْمِ الرَّحِیْلِ (سَفر آخرت جي تياري ڪندي رهڻ)۔([1])
يعني هي 4 وصفون جنهن خوش نصيب کي مِلي وڃن، هو متقي بڻجي ويندو آهي۔
خوفِ خُدا هڪ لغام آهي، جيڪو ماڻهو کي گُنَاهن کان روڪي رکي ٿو، جيڪڏهن اهو لغام ٽٽي پوي يا ڍڙو ٿي وڃي (يعني دِل ۾ خوفِ خُدا نه رهي) ته ماڻهو گُنَاهن تي دلير ٿي ويندو آهي، لهٰذا خوفِ خُدا پرهيزگارن جي تمام ضروري وَصف آهي۔
حضرت عُمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو خوفِ خُدا
منقول آهي: هڪ ڀيري حضرت يزيد رقّاشي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيا، حضرت عمر بن عبد العزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: مون کي ڪا نصيحت ڪريو! حضرت يزيد رقّاشي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه چيو: اي امير المؤمنين!