Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

پرهيزگار بهترين زادِ راه آهي

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ تَزَوَّدُوْا فَاِنَّ خَیْرَ الزَّادِ التَّقْوٰى٘- (پاره:2،سورۂ بقره:197)    

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ثمر ساڻ کڻو پوءِ سڀ کان بهتر ثمر يقيناً پرهيزگاري آهي.

هن آيت سڳوري ۾ حڪم ڏنو ويو ته جڏهن به سَفَر تي نڪرو ته زادِ راھ (سفر جو سامان) گڏ کڻو ۽ سڀ کان بهترين زادِ راه پرهيزگاري آهي۔ بالخصوص اسان سڀني کي اَهم ۽ يقيني سَفَر جيڪو ڪرڻو آهي، يعني آخرت جو سَفَر، هن سَفر جو ته اَصل زادِ راھ تقويٰ ئي آهي۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ڪنهن جو عزيز وفات ڪري ويو ته ان جي تدفين کان بعد قبر تي هڪ عبرتناڪ شعر لکيو:

لَيْسَ زَاد سِوَي التُّقَا           فَخُذِي مِنْهُ اَوْ دُعِي

هن سَفَر جو زادِ راھ صِرف پرهيزگاري آهي، هاڻي توهان جي مرضي پرهيزگاري اختيار ڪريو يا نه ڪريو! ([1])

پرهيزگارن جي وصفن جو بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان سڀني کي پرهيزگاري جي دولت نصيب فرمائي۔ اسان کي پرهيزگاري ڪيئن حاصل ڪرڻي آهي؟ هن جي لاءِ اچو! پرهيزگارن جون ڪجھ وصفون هن نيت سان ٻڌون ٿا ته اسان به هي اعليٰ وصفون اپنائي پرهيزگار بڻجڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم!

(1): تقويٰ وارن جي پهرين وَصف: شبهات کان بچڻ

الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: لَا یَبْلُغُ الْعَبْدُ اَنْ یَّکُوْنَ مِنَ الْمُتَّقِیْن حَتّٰی یَدَعَ مَا لَابَاْسَ بِہٖ حَذْراً لِمَا بِہِ الْبَاْسُ يعني ٻانهو ان وقت تائين متقي نٿو ٿي سگھي جيستائين ناجائِز ۾ پوڻ جي خوف سان جائِز ڪم به نه ڇڏي ڏي۔([2])


 

 



[1]...منہاج العابدین، صفحہ:120۔

[2]...ابن ماجہ ، کتاب الزہد، صفحہ:684، حدیث:4215۔