Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
محمد نالو رکڻ جي باري ۾ سنتون ۽ آداب
2 فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ:❶: چڱن جي نالن تي نالو رکو([1])❷ قيامت جي ڏينهن توهان کي توهان جي ۽ توهان جي پيء جي نالن کان پڪاريو ويندو، ان ڪري پنهنجا نالا سٺا رکو۔([2])
* حضرت علامه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٻار جو سٺو نالو رکيو وڃي، ڪيئي ماڻهن جا اهڙا نالا آهن جن جي ڪجھ معنيٰ نه آهي يا ان جي بُري معنيٰ آهي اهڙن نالن کان پاسو ڪريو * اَنبِياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام جي اَسماءِ طيبه (يعني پاڪ نالن) ۽ صَحابه و تابعين و بُزرگانِ دين (عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان) جي نالن تي نالو رکڻ بهتر آهي، اُمّيد آهي جو ان جي بَرَڪت ٻار سان گڏ رهي
* ٻار زنده پيدا ٿئي يا مُرده اُن جي خِلقت (يعني بدن) تمام (يعني مڪمل) هجي يا ناتمام (يعني نامڪمل) بهرحال ان جو نالو رکيو وڃي ۽ قِيامت جي ڏينهن ان جو حَشْر ٿيندو (يعني اٿاريو ويندو) *فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ڪچي ٻار جو نالو رکو جو الله پاڪ ان جي ذريعي توهان جي ميزان (يعني عمل جي ترازو) کي ڳرو ڪندو * محمد نالو رکڻ جي باري ۾ 2 فرمان مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ❶ جنهن وٽ ڇوڪرو پيدا ٿئي ۽ هو منهنجي محبت ۽ منهنجي نالي سان برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جو نالو محمد رکي، هو ۽ ان جو ڇوڪرو ٻئي جنت ۾ ويندا ❷ توهان ۾ ڪنهن جو ڪهڙو نقصان آهي جيڪڏهن ان جي گھر ۾ هڪ محمد يا 2 محمد يا 3 محمد هجن * اڄڪلھ مَعَاذَالله نالو بگاڙڻ جي وَبا عام آهي ۽ محمد نالو بگاڙڻ ته گھڻو ئي سخت تڪليف دِه آهي۔ لهذا هر مرد جو نالو محمد يا احمد رکو ۽ عُرف يعني پڪارڻ جي لاءِ بزرگن جي نالن مان ڪو آسان تَلَفظ وارو نالو رکجي * جِبريل يا ميڪائيل وغيره نالو نه رکجي۔ * محمد نبي، احمد نبي، نبي احمد نالو رکڻ حرام آهي * جڏهن به نالو رکو ان جي معنيٰ ڪنهن سُنّي عالِم وٽان پڇي وٺو،