Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين سکندس * پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون 2 پياريون نصيحتون
صحابيء رسول، حضرت ابوسعيد خدري رَضِىَ اللهُ عنۡه کان روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عنۡه رسولِ اڪرم، نورِ مجسم، شفيعِ معظم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يارَسُوْلَ الله! اَوْصِنِي يعني اي الله پاڪ جا پيارا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي نصيحت فرمايو! رسولِ رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان صحابي سڳوري رَضِىَ اللهُ عنۡه کي 3 نصيحتون ڪيون، انهن مان 2 نصيحتون هي آهن؛ فرمايائون: ❶:عَلَیْکَ بِتَقْوَي اللّٰهِ فَاِنَّهُ جِمَاعُ کُلِّ خَيرٍ توهان تي تقويٰ (پرهيزگاري) لازِم آهي جو بيشڪ تقويٰ تمام ڀلائين جو مجموعو آهي❷: وَعَلَیْکَ بِذِکْرِ اللّٰہِ فَاِنَّہُ نُوْرٌ لَکَ ۽ توهان تي ذِڪرُ الله لازم آهي ڇوته بيشڪ الله پاڪ جو ذِڪر توهان لاءِ نور ٿيندو۔([1])
دے حُسْنِ اَخْلاق کی دولت کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت
مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا یااللہ! مری جھولی بھر دے([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد