Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
ايستائين جو ڪي لالچي طبيعت جا ماڻهو غير مسلم ملڪن ۾ وڃڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي ڪافِر به لکي ڇڏيندا آهن.
لهٰذا جيڪو شخص الله پاڪ جي ڏنل تي راضي ٿي قناعت اختيار نه ڪري، ان جو گُنَاهن کان بچڻ انتهائي دُشوار آهي ۽ جيڪو گُنَاهن کان نه بچي سگھندو، هو متقي ڪيئن بڻبو؟
قناعت بابت پرهيزگارن جا 2 واقعا
* حضرت محمد بن واسِع رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لوڻ ۽ سِرڪي سان ماني کائيندا هئا، پاڻ فرمائيندا هئا: جيڪو شخص ايتري دُنيا تي راضِي ٿي وڃي اهو ماڻهن جي اڳيان ذِلّت کان بچي ويندو آهي۔([1]) * حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اڄ جي زماني ۾ جيڪو جَوء جي ماني تي قناعت نه ڪري، هو ذِلّت ۽ رُسوائي ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي۔ هڪ ڀيري هڪ شخص حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ عرض ڪيائين: ڇا مان مال گڏ ڪري سگھان ٿو؟ پاڻ فرمايائون: مال گڏ ڪرڻ ۾ 5 بُرائيون آهن: ❶: هن سان اُمِّيد وڏي ٿئي ٿي (جڏهن ته اسان کي هڪ گھڙي جو به ڀروسو ناهي، خبر ناهي ڪڏهن موت اچي وڃي) ❷: مال گڏ ڪرڻ سان حرص وڌي ويندو آهي❸: مال جمع ڪرڻ سبب بخل (يعني ڪنجوسي) ۾ اِضافو ٿي ويندو آهي ❹: مال جمع ڪرڻ جي ڪري ماڻهو آخرت کي وساري ۽ غفلت ۾ پئجي ويندو آهي❺: مال جمع ڪرڻ جي هڪ وڏي آفت هي آهي جو پرهيزگاري ۾ ڪمي اچي ويندي آهي۔([2])
الله پاڪ اسان کي مال جي حِرص کان محفوظ رکي * قناعت (يعني الله پاڪ جيڪو ڏنو، ان تي راضي ٿيڻ) تمام وڏي نعمت آهي * قناعت سنتِ