Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
تعلقي تَله گنگ (ضلعي چڪوال، صوبي پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي: پهريان مان معاشري جو گھڻو بگڙيل انسان هئس۔ سگريٽ، چرس، شراب جيڪو ملي ان ڏانهن هٿ وڌائيندو هئس، هڪ ڀيري مون تي ڪرم ٿيو ۽ مون رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ شروع ڪيا، روزانو رات ۾ مدني چينل تي مدني مذاڪرو ڏسڻ به نصيب ٿيو، امير ِاهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي حڪمت ڀرين ڳالهين منهنجي دل تي اهڙو اثر ڪيو جو زندگي ۾ مدني انقلاب اچي ويو، الحمد لله! مون گناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ چهري تي ڏاڙھي شريف سجائي، پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ لڳس، مون کي نمازون پڙهندي ڏسي منهنجو 12 سالا پٽ ۽ 10 سالا ڌيء به نمازون پڙھڻ شروع ڪيون۔ پٽ ته باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مون سان گڏ مسجد ويندو آهي۔([1])
مدنی مذاکرہ ہے شریعت کا خزینہ اخلاق کا تہذیب کا طریقت کا خزینہ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَن اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَد اَحَبَّنِي وَمَن اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([2])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد