Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
حضرت بايزيد بسطامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تقويٰ
حضرت بايزيد بسطامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڻ تمام وڏا متقي، پرهيز گار هئا، الله پاڪ کين ولايت جو تمام بلند رُتبو عطا فرمايو هو، هڪ ڀيري حضرت بايزيد بسطامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سَفَر تي هئا، رستي ۾ هڪ هنڌ پڙاءُ ڪيائون، مريد به گڏ هئا، حضرت بايزيد بسطامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي قميض مبارڪ ڌوتي، مُرِيدن عرض ڪيو: سائين! هي قميض سامهون واري ڀت تي رکو ته جيئن سڪي وڃي۔ فرمايائون: نه! هي جنهن جي ديوار آهي اسان ان کان اجازت ناهي ورتي. مُرِيدن عرض ڪيو: پوءِ هن کي وڻ جي ٽاري تي لٽڪايون ٿا؟ ارشاد فرمايائون: وڻ جي ٽاري تي پکي ويهن ٿا، اسان پکين کان انهن جي ويهڻ وارو جڳھ نٿا کسي سگھون۔ مُريدن عرض ڪيو: سائين! پوءِ هن قميض مبارڪ کي اسان گاھ تي سڪايون ٿا؟ فرمايائون: نه! گاھ جانورن جو چارو آهي، اسان انهن جو چارو انهن کان نٿا لڪائي سگھون۔ آخر حضرت بايزيد بسطامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي قميض مبارڪ کي پنهنجي پٺي تي رکي پنهنجي پُٺي سج ڏانهن ڪري ڇڏي ايستائين جو قميض مبارڪ سُڪي وئي۔([1])
سُبْحٰنَ الله! هي آهي پرهيزگاري...!! ٿورو غور فرمايو! الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها ڪيترو احتياط ڪندا هئا، سنڀلجي قدم رکندا هئا ته ڪٿي، ايئن نه ٿئي جو اسان گُنَاھ ۾ پئجي وڃون۔ الله پاڪ اسان کي به تقويٰ ۽ پرهيزگاري نصيب فرمائي۔ انهن نيڪ ماڻهن جي سيرت پڙھون ٿا ته پنهنجو پاڻ تي شرمساري محسوس ٿئي ٿي ، اسان وٽ ته اهڙن احتياطن جو نالو نشان به نٿو ملي، اِلَّا مَاشَآءَالله!
مثال طور * اڄڪلھ سوشل ميڊيا کي بِلا تَڪلُّف استعمال ڪيو وڃي