Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

پرهيز گاري سولو عمل آهي

هي ڳالهيون ٻڌي شايد لڳي رهيو هجي ته متقي، پرهيز گار بڻجڻ گھڻو مشڪل آهي، هي اسان جي وس جي ڳالھ نه آهي، واقعي متقي بڻجڻ آهي ته مشڪل پر هڪ لحاظ سان ڏٺو وڃي ته گھڻو آسان به آهي، حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پرهيزگاري کان وڌيڪ سولو ڪو ڪم نه آهي، بَس جيڪو توهان جي دِل ۾ کُٽڪي ان کي ڇڏي ڏيو۔([1]) يعني جنهن ڪم بابت 100 سيڪڙو خبر نه آهي ته هي ڪم بالڪل جائز آهي ۽ ان جي ڪري گُنَاھ ۾ پوڻ جو انديشو به نه آهي، ان ڪم جي باري ۾ جيستائين شرعي راهنمائي نه وٺو، ان وقت تائين اهو ڪم نه ڪيو!

نيڪ ٻانهن جي هڪ بهترين وَصف

امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي اخلاق مان آهي ته جيستائين انهن کي قرآن ۽ سُنّت ۽ شريعت جي روشني ۾ ڪنهن ڪم جو واضِح حڪم معلوم نه ٿي ويندو هو، ان وقت تائين هو ان ڪم کي نه ڪندا هئا۔([2])

ڪاش! اسان به هي عادَت اپنايون، جيستائين شريعت جي روشني ۾ ڪنهن ڪم جو حڪم معلوم نه ٿي وڃي، ان وقت تائين اهو ڪم ناهي ڪرڻو. زهي نصيب! اسان دارُ الافتاء اهلسنت جو نمبر پاڻ وٽ محفوظ ڪريون، جڏهن به ڪنهن شيء بابت شڪ ٿئي، فوري طور مفتي صاحب کان رهنمائي وٺون۔ الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ دارُالافتاء اهلسنت جي نالي سان موبائِل ايپليڪيشن به لانچ ڪئي آهي، هن ۾ کوڙ ساريون فتوائون موجود آهن ۽ تمام گھڻي ديني عِلم تي مشتمل مواد هن هڪ ايپليڪيشن ۾ موجود آهي۔ اها ايپليڪيشن پنهنجي موبائِل ۾ انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللّٰهُ عَلَیْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم۔  


 

 



[1]...رسالہ قشیریہ، باب الورع، صفحہ:148۔

[2]...تنبیہ المغترین، صفحہ:22۔