Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
مطلب هي ته هڪ ڪم آهي، جيڪو بلڪل جائِز آهي، ان کي ڪرڻ ۾ ڪو گُنَاھ نه آهي پر خدشو آهي ته جيڪڏهن هو هي ڪم ڪندو ته ڪنهن ناجائِز ڪم ۾ ڦاسي سگھي ٿو، هن انديشي جي ڪري ان جائِز ڪم کي به نه ڪرڻ، پرهيزگارن جو اَهم ۽ بنيادي وَصف آهي، هن کان بغير ڪو شخص متقي بڻجي ئي نٿو سگھي۔
امام ابنِ سيرين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تقويٰ
امامِ اِبنِ سيرين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي وقت جا تمام وڏا امام ٿي گذريا آهن، الله پاڪ سندن کي خوابن جي تعبير جي عِلم ۾ ڪمال مهارت عطا فرمائي هئي۔ امام قُشَيرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: امام اِبنِ سيرين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ گيھ جا 40 ڪنَسۡتَر (مثال طور ٽين وغيره جا دٻا) هئا، کين خادِم ٻڌايو ته هنن دٻن مان ڪنهن هڪ مان مريل ڪوئو نڪتو آهي پر مون کي هي خبر ناهي ته اهو ڪهڙي دٻي ۾ هو۔
هاڻي ڏسو! هي شُبهو ٿيو، 40 مان 39 دٻا بلڪل پاڪ آهن، مريل ڪوئو صِرف هڪ مان نڪتو آهي پر اها خبر ناهي ته 40 مان اهو هڪ دٻو ڪهڙو آهي، ان ڪري باقي 39 ۾ به شُبهو اچي ويو، بس انهيء شُبهي جي ڪري امام اِبْنِ سِيرين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 جي 40 دٻن مان ڪنهن هڪ جو به گيھ استعمال نه ڪيائون۔([1]) ڇو استعمال نه ڪيائون؟ حَذْراً لِمَا بِہِ الْبَاْسُ يعني هن ڊپ کان ڪٿي مان ناجائِز ۾ نه پئجي وڃان، ايئن نه ٿئي جو اهو هڪ دٻو جنهن جو مان گيھ استعمال ڪندس، هي اهو ئي هجي جنهن مان ڪوئو نڪتو آهي۔
هي آهي پرهيزگارن جي اعليٰ وَصف جو اهي پاڪيزه ماڻهو الله پاڪ کان گھڻو ڊڄندا هئا، خوفِ خُدا جي ڪري گُنَاهن جي ويجھو به نه ويندا هئا ايستائين جو هو اهڙو جائِز ڪم جنهن جي ڪرڻ جي ڪري گُنَاھ ۾ پوڻ جو خوف هجي، ان جائِز ڪم کان به پري رهندا هئا۔