Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
متقي بڻجڻو آهي، پرهيز گار بڻجڻو آهي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان عِلمِ دين سکون، قرآنِ ڪريم پڙھڻ به سکون، سمجھڻ به سکون، حديثون سکون، سنتون سکون، فرض عُلُوم سکون، پوءِ ان تي عَمَل به ڪريون۔
الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي اهو سڀ ڪجھ سيکاري ٿي۔ * نماز سکڻ جي لاءِ فيضانِ نماز ڪورس ڪريو! * فرض عُلُوم سکڻا هجن ته فرض علوم ڪورس ڪريو! *نيڪ نمازي بڻجڻ جي خواهش آهي، اِصۡلاحِ اَعمَال ڪورس ڪريو *قرآنِ ڪريم سکڻ چاهيو ٿا ته مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جو پنهنجو معمول بڻايو * عالِم ٿيڻو آهي، جامعة المدينه ۾ داخلا وٺو *فيضان آن لائِن اڪيڊمي جي ذريعي آن لائِن ڪورسز ڪريو * مدني قافلن ۾ سَفَر جو پنهنجو معمول بڻايو۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! زِندگي ٺهي ويندي، سنتون سکڻ جو موقعو ملندو، دِل ۾ عشقِ رسول وڌي ويندو ۽ الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان دين ۽ دُنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔
زندگی ہو مری پروانے کی صُورت یارَبّ! عِلْم کی شمع سے ہو مجھ کو محبت یارَبّ!
میرے اللہ بُرائی سے بچانا مجھ کو نیک جو راہ ہو، اس راہ پہ چلانا مجھ کو
پيارا اسلامي ڀائرو! پرهيزگارن جون وصفون جيڪي مسلمانن جي چوٿين خليفي اَمِيرُ الْمُؤمنين حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عنۡه ٻڌايون، انهن ۾ ٽئين وَصف آهي: اَلْقَنَاعَۃُ بِالْقَلِیْل يعني ٿوري تي قناعت ڪرڻ۔
قناعت جي معني آهي: قسمت تي راضي رهڻ۔ هي به تقويٰ جي لاءِ بنيادي وَصف آهي، جنهن کي قناعت نصيب نه ٿئي، ان جو گُنَاهن کان بچڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، کوڙ سارا اهڙا گُنَاھ آهن جيڪي حِرص ۽ لالچ ئي جي ڪري ٿيندا آهن* لالچ جي ڪري ئي رشوت جي ڏيتي ليتي ٿئي ٿي * لالچ ئي جي ڪري سُودي ڪاروبار ڪيا وڃن ٿا * لالچ ئي جي سبب حرام ذريعن کان مال حاصِل ڪيو ويندو آهي * لالچ ۾ اچي ئي ماڻهو يتيمن جا حق ڦٻائيندا آهن *لالچ ۾ اچي ڀاءُ ڀاءُ جو قتل به ڪري ڇڏيندو آهي.