Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf
ايستائين جو عصر ٿيندي هئي، عصر کان مغرب تائين، مغرب کان عشاء تائين، عشاء کان وري فجر تائين ويهي ذِڪرُ الله ئي ڪندا رهندا هئا * حضرت ابو بڪر عياش رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو 30 هزار ڀيرا سورت اخلاص پڙھندا هئا، روزانو 500 نفل پڙھندا هئا، ڏينهن ۾ ڪيئي ڪيئي ختمِ قرآن ڪندا هئا *امام اعظم، امام ابو حنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 سال عشاء جي وُضو کان فجر جي نماز ادا ڪئي، هر رات 2 رڪعت ۾ قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔([1])
اندازو ڪريو! هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيئن هر وقت بس نيڪ ڪمن ئي ۾ مَصْرُوف رهندا هئا، انهن کي آخرت جي ڳڻتي هئي، اهي موت ۽ قبر ۽ آخرت کي ياد ڪرڻ وارا هئا۔ ڪاش! اسان به انهن پرهيزگارن جھڙيون وصفون اپنايون۔ ڪاش! اسان کي به موت جي تياري ڪرڻ جي توفيق مِلي وڃي۔ الله پاڪ توفيق نصيب فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو
اي عاشقانِ رسول ! دُنيا ۽ آخرت جي بهتري، اولياءِ ڪرام جو فيضان حاصِل ڪرڻ، دِل ۾ عشق رسول وڌائڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌيڪ حصو وٺو، اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! هن جون برڪتون توهان پاڻ ڏسي وٺندؤ۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو۔
الحمد لله! شيخ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه هر ڇنڇر تي رات عشاء جي نماز کان بعد مدني چينل تي براه راست (Live) مدني مذاڪرو ڪن ٿا يعني سڄي دُنيا مان عاشقانِ رسول جي پڇيل سوالن جا عِلم ۽ حڪمت سان ڀرپور جواب ارشاد فرمائن ٿا، اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت فرمايو ۽ عِلمِ دِين جو خزانو حاصِل ڪريو۔