Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

پرهيزگاري هر ڀلائي جي اَصل آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيحت جي طلبگار صحابي رَضِىَ اللهُ عنۡه کي 3 نصيحتون ڪيون، جن مان 2 نصيحتون اسان ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي: : تقويٰ اختيار ڪيو، ڇوته تقويٰ تمام ڀلائين جو مجموعو آهي : ذِڪرُ الله کي لازِم پڪڙيو جو هي توهان لاءِ نُور ٿيندو۔

هن حديثِ پاڪ مان ذِڪرُ الله جي فضيلت پڻ معلوم ٿي ۽ گڏوگڏ هي به خبر پئي ته تقويٰ تمام ڀلائين جو مجموعو آهي، جنهن کي اها دولت نصيب ٿي وئي ڄڻ ان کي تمام ڀلايون نصيب ٿي ويون۔ حُجَّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اي عزيز! توکي خبر هئڻ گھرجي ته تقويٰ هڪ ناياب خزانو آهي، جيڪڏهن توهان هن خزاني کي حاصِل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويؤ ته توهان تمام وڏي ڪاميابي حاصِل ڪري وٺندؤ، ايئن سمجھو ته دُنيا ۽ آخرت جون تمام ڀلائيون تقويٰ ۾ گڏ ڪيون ويون آهن۔([1])

دے حُسْنِ اَخْلاق کی دولت       کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا        یااللہ! مری جھولی بھر دے([2])

پرهيزگارن جي لاءِ انعام ۽ بشارتون

عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پرهيزگارن  جون کوڙ فضيلتون بيان ڪيون آهن ۽ انهن کي ڪيئي ساريون بشارتون ڏنيون آهن، مثال طور * پرهيزگارن کي الله پاڪ جي خصوصي مدد ۽ نُصرت نصيب ٿيندي آهي * پرهيزگارن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ عزّت ملندي آهي * پرهيزگارن کي عِلم به ڏنو ويندو آهي، حڪمت به عطا ٿيندي آهي * الله پاڪ پرهيزگارن


 

 



[1]...منہاج العابدین، صفحہ:115خلاصۃً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:123۔