Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

Book Name:Ahle-Taqwa Kay 4 Ausaf

سان ٻڌل آهي، بس جيڪو قرآنِ ڪريم نه سمجھي، جيڪو حديثِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ياد نه ڪري، نه ان جي معني سمجھي، ان جي پيروي درست نه آهي۔ ([1])

امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري ائين ٿيو جو هڪ جعلي بابا مون وٽ آيو، ان سان گڏ ان جا چيلا به هئا، اهو شخص صفا جاهل هو پر فَنَاء ۽ بَقَا جي باري ۾ گفتگو ڪري ماڻهن کي گمراھ ڪندو هو، مون ان کي چيو: ٿورو وُضُو ۽ نماز جا فرض ته ٻڌايو! هاڻي اهو وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين: مون کي ظاهر شريعت جو عِلم نٿو اچي۔ امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون چيو: اي شخص! جيستائين قرآن ۽ حديث جو عِلم نه سکيو وڃي، ان وقت تائين دُرست طريقي سان عِبَادت نٿي ڪري سگھجي، جنهن شخص کي واجب ۽ مستحب، مڪروه ۽ حرام جو فرق ئي معلوم نه هجي، اهو ته صفا جاهل آهي، ان جي پيروي ڪرڻ ڪيئن درست ٿي سگھي ٿي؟ امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجون اهي ڳالهيون ٻڌي هو پريشان ٿي ويو، ان کي ڪو جواب نه آيو ۽ منهن ننڍڙو ڪري هليو ويو۔([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! هي حقيقت آهي، جيڪڏهن اسان کي وُضو ڪرڻ نٿو اچي، نماز پڙھڻ نٿي اچي، پاڪي ناپاڪي جا مسئلا معلوم نه هجن، الله پاڪ مون کي ڪن ڳالهين جو حڪم ڏنو آهي؟ ڪهڙين ڳالهين کان منع ڪيو آهي؟ جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل ڪهڙا آهن؟ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل ڪهڙا آهن؟ شيطان ڪهڙي نموني حملا ڪري ٿو؟ ان جي حملن کان ڪيئن بچي سگھجي ٿو؟ جيسيتائين اسان کي اهي سڀ ڳالهيون معلوم نه هونديون، اسان شيطان جي چالن کان ڪيئن بچي سگھنداسين؟ جڏهن شيطان جي چالن کان نه بچي سگھنداسين ته گُنَاھ ڪيئن ڇڏينداسين؟ جڏهن گُنَاھ نه ڇڏينداسين ته تقويٰ ڪيئن نصيب ٿيندي؟ تقويٰ ته هي آهي ته ٻانهو گُنَاهن کان بچي وڃي۔ ان ڪري


 

 



[1]...تنبیہ المغترین، صفحہ:20۔

[2]...تنبیہ المغترین، صفحہ:21۔