Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: اَنَا مَدِیْنَۃُ الْعِلْمِ وَ عَلِیُّ بَابُہَا يعني مان علم جو شهر  آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي. [1]

سبیلِ عشق کی سب رونقیں، علی سے ہیں                                       طریقِ رشد کی سب مشعلیں، علی سے ہیں

درِ علومِ نبوت ہے،  ذات مولیٰ کی                                                                           تمام علم کی یہ مسندیں،علی سے ہیں

 اهڙي طرح سيرت ۾ ڪردار ۾ حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شان ئي نرالي آهي، بيشمار خوبيون، اڻ کٽ چڱا وصف سندن سيرت پاڪ مان سکڻ جي لاءِ ملن ٿا. حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هڪ نهايت اهم خوبي، جنهن کي سندن اپنائي به رکيو هو ۽ کين ان جي تعليم به ڏيندا هئا، اها آهي: فڪرِ آخرت.

حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه تمام گهڻي فڪرِ آخرت رکڻ وارا هئا * قبر ۽ آخرت کي ياد ڪرڻ جي لاءِ قبرستان ويندا * فڪرِ آخرت ۾ روئڻ، روئارڻ      * هر وقت آخرت جي ڪاميابي جي لاءِ فڪرمند رهڻ * ان جي لاءِ دعا ڪندو رهڻ * فڪر آخرت ۾ ٻڏي ڪري عبادت ڪرڻ * سڄي سڄي رات جاڳڻ   * دنيا کان پري رهڻ* دنيا جي محبت کان گهڻو بچڻ * ۽ درس و بيان جي ذريعي، خطبن ۾ ماڻهن کي آخرت جي تياري لاءِ اڀاريندو رهڻ موليٰ علي      رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت جو هڪ واضح پهلو آهي. * بلڪ شيخ جُنيد بغدادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شَیْخُنَا فِی الْاُصُولِ وَ الْبَلاَءِ عَلِیُّ الْمُرْتَضٰی يعني راھِ طريقت ۽ بلا ۽ مصيبت(يعني آخرت جي بهتري جي لاءِ دنيا ۾ مشڪلات برداشت ڪرڻ جي مُعاملي) ۾ موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه اسان جا امام آهن.

ہو چشتی قادری یا نقشبندی سہروردی ہو                                            مِلا سب کو ولایت کا انہی کے ہاتھ سے ٹکڑا


 

 



[1] مستدرک، کتاب معرفۃ الصحابہ، جلد:4، صفحہ:96، حدیث:4693۔