Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

آهي.[1]، اَلحَمۡدُلله! اسان جا ساھ اڃا هلي رهيا آهن، انهن کي غنيمت سمجهو، اڃا توبه جو دروازو کليل آهي، ان مان فائدو کڻو، اَلحَمۡدُلله! رَمۡضَانُ المُبارڪ جي برڪت وارا ڏينهن هلي رهيا آهن، آخري عشرو اچي ويو آهي، بخشش و مغفرت جا پروانا تقسيم ٿيڻ جا ڏينهن آهن، ان مان فائدو وٺو، رمضان جا باقي ڏينهن ۽ وري سڄي زندگي نيڪ ڪمن ۾ گذارڻ جي پڪي سچي نيت ڪيون، الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄوڪي هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دلين ۾ عشقِ رسول جاڳائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ امّت کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار رسالو مطالعو به آهي. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

غير مسلم مسلمان ٿي ويو...!!

   هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي: مان ڪفر جي اونداهين ۾ ڀَٽڪي رهيو هيس، هڪ ڏينهن ڪنهن اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو احترامِ مسلم


 

 



[1] الزہد الکبیر للبیہقی، صفحہ:295، رقم:779۔