Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

پيارا اسلامي ڀائرو! هي هڪ خوبصورت نصيحت آهي، ان جو مطلب هي هرگز ناهي ته اسان پنهنجو گهر ڪيرائي رستي تي اچي وڃون، ها! هي مطلب ضرور آهي ته هن دنيا جي گهر ۾ دل نه لڳايون بلڪه آخرت جي فڪر ڪيون

مغفرت جي طرف ڊوڙو!

حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيرو خطبو ڏيندي فرمايو: اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! موت! موت! جنهن کان بچڻ وارو ڪوبه ناهي. جيڪڏهن توهان ان کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا ته هي توهان کي ڀڄڻ ڪونه ڏيندو ۽ توهان کي پڪڙي وٺندو. ان موت توهان کي پيشاني کان پڪڙي رکيو آهي. هاڻي نجات صرف جلدي عمل ڪرڻ ۾ آهي. توهان جي پٺيان هڪ جلدباز طالب آهي ۽ اها قبر آهي. ٻڌو! قبر جنت جي باغن مان هڪ باغ يا جهنم جي کڏن مان هڪ کڏو آهي. ٻڌو! هي قبر روز ٽي ڀيرا ڪلام ڪندي چوندي آهي: مان اونداهي جو گهر آهيان، مان وحشت جو مڪان آهيان ۽ مان ڪيڙن ماڪوڙن جو گهر آهيان. ٻڌو! هن قبر کان پوءِ هڪ اهڙو ڏينهن آهي جنهن کان وڌيڪ ڪو سخت ڏينهن نه آيو. اُن ڏينهن ٻار پوڙها ٿي ويندا ۽ وڏا وڏا هوش ۾ نه هوندا.

تَذْہَلُ کُلُّ مُرْضِعَۃٍ عَمَّاۤ اَرْضَعَتْ وَ تَضَعُ کُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَہَا وَ تَرَی النَّاسَ سُکٰرٰی وَ مَا ہُمْ  بِسُکٰرٰی وَ لٰکِنَّ عَذَابَ اللّٰہِ شَدِیْدٌ (۲)

ترجموڪنزالعرفان: هر کير پياريندڙ پنهنجي کير پيئندڙ ٻار کي ويساري ويهندي ۽ هر حمل واري پنهنجو حمل ڪيرائي وجهندي ۽ تون ماڻهن کي ڏسندي جهڙو نشي ۾ آهن جڏهن ته اهي نشي ۾ نه هوندا پر الله جو عذاب وڏو سخت آهي.

ٻڌو! ان کان پوءِ اهڙو ڏينهن(يعني قيامت) آهي جنهن کان سخت ڪو ڏينهن ناهي. اُن ڏينهن جهنم ڀڙڪي رهي هوندي، ان جي گرمي سخت هوندي ۽ ان