Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهي، جنهن مان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن آهي: Muslim's Funeral هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ مَيَّت جي غسل ۽ ڪفن ۽ دفن وغيره جي باري ۾ اهم ترين معلومات ڏني وئي آهي ۽ هڪ خاص ڳالھ هي آهي ته مَيَّت کي غسل ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ڪفن ڪيئن پارائڻو آهي؟ ان جي عملي طريقي جي لاءِ Animated Videos  به شامل آهن. اوهان به هي موبائل ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪيو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

وعدي جي پابندي سُنت آهي

   ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جيڪو وعدو پُورو نٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان ناهي۔ (مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان، جلد:7صفحہ:223) (2): جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان وعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔ (بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179)

اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ بلڪ سُنّتِ


 

 



[1] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔