Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[1](

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، * ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي جيڪي ڏينهن گذري رهيا آهن. يعني رَمۡضَانُ المبارڪ جي ٻئي عشري جا آخري ڏينهن آهن، * اسلامي لحاظ کان هي نهايت تاريخي ڏينهن آهن. * 17 رمضان المبارڪ تي حق و باطل جو عظيم الشان معرڪو يعني غزوهءِ بدر ٿيو، هي ايترو عظمت وارو ڏينهن هيو جو الله پاڪ ان کي يَومُ الفُرقان (يعني حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ وارو ڏينهن) فرمايو. مسلمان 313 جي تعداد ۾ هئا ۽ غير مسلمن جو لشڪر هڪ هزار کان به وڌيڪ هيو، ڏينهن به ماههِ رمضان جا هئا، ان جي باوجود صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ڪمال جي همت ڏيکاري، غزوه ۾ شريڪ ٿيا ۽ اهي مڪي جا ڪافر جيڪي دينِ اسلام کي دنيا کان مٽائڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪندا هئا، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي سخت کان سخت تڪليفون پهچائيندا هئا، انهن وٽ مال به هيو، طاقت به هئي، اَفرادي قُوَّت به وڌيڪ هئي پر قربان وڃو! صحابه ڪرام


 

 



[1]...بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔