Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

حسن و خوبي سان انجام ڏنيون.[1] 17 يا 19 رمضان المبارڪ سن 40 هجري جو هڪ خبيث خارجي جي قاتلاڻي حملي سان سخت زخمي ٿي پيا ۽ 21 رمضان شريف آچر جي رات شهادت ماڻي.[2]

  الله پاڪ جي اُنهن تي رحمت ٿئي ۽ اُنهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔

 اٰمِين بِجَاه خاتم النَّبِي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اَصْلِ نَسْلِ صَفَا، وجہِ وَصْلِ خُدا                                                                                       بابِ   فَضْلِ  وِلایت  پہ  لاکھوں    سلام([3])

وضاحت: حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڪ نسل(يعني سيّدزادن) جا بلند شان وارا ڏاڏا آهن، واصِل بِالله (يعني الله پاڪ جو مُقَرَّب) بڻجڻ جو سبب ۽ ولايت جون فضيلتون ملڻ جو دروازو آهن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي لکين سلام هجن۔

حضرت  موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان

اي عاشقانِ رسول! اچو! موليٰ علي شير خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي شان ۾ اهي حديثون جيڪي مسلمانن جي امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها ماڻهن کي ٻڌائينديون هيون، اهي ٻڌون ٿا، ايئن سيّده عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو ذڪر خير به ٿي ويندو ۽ موليٰ علي شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ذڪر جون برڪتون به نصيب ٿينديون.

پياري آقا جي مَحبُوب شخصيت

ترمذي شريف ۾ آهي، حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها کان پڇيو ويو: (اهلِ بيت مان) رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي سڀني کان وڌيڪ محبوب(يعني پيارو) ڪير هو؟ فرمايائون: خاتونِ جنت سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها. پڇيو ويو: ۽ مردن مان ڪير؟ فرمايائون: انهن جا مڙس(يعني مولٰي علي شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه). وڌيڪ فرمايائون:


 

 



[1] کراماتِ شیرِ خدا ، صفحہ : 13

[2] کراماتِ شیرِ خدا، صفحہ:13 ۔

[3]... حدائقِ بخشش ، صفحہ : 313 ۔