Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

علی مشکل کشا ہیں سب کے سالکؔ کا سہارا ہیں    ہر اِک محتاج ان کا ہو جواں بوڑھا ہو یا بچہ([1])

حضرت موليٰ علي  رَضِىَ اللهُ عَنْه جو هڪ معمول

حضرت ضرّار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان الله پاڪ کي گواھ بڻائي چوان ٿو، مون ڪيئي ڀيرا موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه  کي ڏٺو ته جڏهن رات جي اونداهي ڇائنجي ويندي هئي، تارا چمڪي رهيا هوندا هئا ۽ سندن پنهنجي محراب ۾ ڏڪندي پنهنجي ڏاڙھي مبارڪ پڪڙي ايترا بي چين هوندا هئا جو ڄڻ زهريلي نانگ ڏنگي ورتو هجي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  شدت کان روئيندا ۽ بي اختيار ٿي ''اي منهنجا رب! اي منهنجا رب! پڪاريندا هئا، پوءِ دنيا کي مخاطب ٿي فرمائيندا هئا، تون مون کي دوکو ڏيڻ جي لاءِ آئي آهين؟ منهنجي لاءِ بڻجي سنورجي آئي آهين ؟ پري ٿي وڃ! ڪنهن ٻئي کي دوکو ڏجان، مان توکي ٽي طلاقون ڏئي چڪو آهيان، تنهنجي عمر گھٽ آهي جڏهن ته تنهنجون مصيبتون سهڻ آسان آهن، پوءِ حسرت سان چوندا هئا: افسوس! زادِ راھ ٿورو آهي ۽ سفر ڊگھو آهي جڏهن ته واٽ وحشت سان ڀريل آهي.[2]

پیکرِ خوفِ خدا  اے عاشقِ خیرُ الورٰی                                                          تم سے راضی کبریا مولیٰ علی مشکل کُشا!

  الله اڪبر!پيارا اسلامي ڀائرو! هي مولي علي رَضِىَ اللهُ عَنْه  آهن....!!  * هي اُهي آهن جن جا پٽ جنتي جوانن جا سردار آهن * هي اُهي آهن جن کي ڏسڻ عبادت آهي* هي اُهي آهن جن جي نالي سان دنيا ۽ آخرت جون مشڪلاتون ٽرنديون آهن. * هي اُهي آهن جن جي صدقي ۾ لکين ماڻهو جنت ۾ ويندا   * هي اُهي آهن جن جي محبت کي ايمان جي علامت قرار ڏنو ويو آهي       * هي اُهي آهن جن جي شان ۾ قرآني آيتون لٿيون آهن * هي اُهي آهن جن کي رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  پنهنجو ڀاءَ فرمائيندا هئا * هي اُهي آهن جن


 

 



[1]...  دیوان سالک،صفحہ:82۔

[2] حلیۃ الاولیاء، جلد:1، صفحہ:126، رقم:261مخلصاً۔