Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

انبياء آهي۔ *  اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وعدي جا گھڻا پَڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي تمام ناپسند ڪندا هئا۔ * اِعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو مان اجھو ٿو موٽان، اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ وسري ويس، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن اهو انهيءَ هنڌ پهتو ته هي ڏسي حيران رهجي ويو ته رسول اڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوُجود اتي ئي بيٺا آهن ۽ مَاشَآءَ الله! شفقت و رَحمت ۽ حُسنِ اَخلاق ڏسو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي دڙڪا ڪونه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪئي، بَس ايترو فرمايائون: اي شَخص! تو مون کي مشقت ۾ وجھي ڇڏيو. (اَبُو داؤد، کتاب: ادب، باب: وعدہ، صفحہ:781، حدیث:4996) الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ سرڪار تي عمل ڪندي وعدا پُورا ڪرڻ وارو بڻائي۔ 

اٰمین بِجاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                                                           ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

  الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

  دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود