Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

تِرا نازُ ک بدن  بھائی جو لیٹے  سَیج پھولوں   پر                                             یہ ہوگا ایک دن بے جاں  اِسے کیڑوں  نے کھانا ہے

عَزیزا یَاد کر جس دن کہ عِزرائیل آئیں  گے                              نہ جاوے کوئی تیرے سَنگ اَکیلا تُونے جانا ہے

غُلامؔ اِک دَم نہ کر غفلت حیاتی پہ نہ ہو غَرَّہ                                 خداکی یاد کر ہردم کہ جس نے کام آنا ہے

سڀني کان وڏي حسرت

حضرت عبدالرحمٰن مُرِّي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مُسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المُرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هڪ ڏينهن فرمايو: (اي انسانو!) ڇا مان توهان کي سڀني کان وڏي حسرت جي باري ۾ نه ٻڌايان،  هي ان شخص جي حسرت آهي جيڪو درهم مٿان درهم، قيراط مٿان قيراط(يعني مال ئي مال ) جمع ڪندو ويو، پوءِ ان کي موت اچي ويو، اُن جو سڄو مال ٻين کي وراثت ۾ ملي ويو.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي هي وڏي حسرت جي ڳالھ آهي، مال ته جمع ڪيو پر پنهنجي مال مان فائدو ڪجھ نه وٺي سگهيو، سڄو مال ٻين جي قبضي ۾ هليو ويو، هاڻي ڇا پيو ٿئي، وارث زمين جي مٿان ان مال مان عياشي ڪري رهيا هوندا آهن ۽ مال جمع ڪرڻ وارو زمين جي هيٺان عذاب ۾ گرفتار يا پڇتاءُ جو شڪار ٿيندو آهي.

موليٰ علي جي قبر وارن سان گفتگو

حضرت سيِّدُنا سعيد بن مُسيَّب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا؛ هڪ دفعي اسان اميرُالمُؤمِنِين حضرتِ مولاءِ ڪائنات، عليُّ المرتَضيٰ، شيرِخدا رَضِىَ اللهُ عَنْه سان گڏ مدينه منوره جي قبرستان وياسين۔ حضرتِ مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه  ارشاد فرمايو؛ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ یَا اَہْلَ الْقُبُوْرِ وَرَحْمَۃُ اللہ يعني اي قبرن وارؤ!توهان تي سلامتي ۽ الله پاڪ جي رحمت هجي.  ۽ فرمايو: اي قبرن وارؤ! توهان پنهنجي خبر ٻڌائيندؤ يا اسان توهان کي ٻڌايون؟ حضرت سعيد بن مسيَّب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته اسان قبر مان ”وَعَليکَ السّلامُ وَرَﺣﻤﺔالله وَبَرَکَاﺗُ


 

 



[1] زہد لابن مبارک، ابواب زیادات ا لزہد...الخ، باب فی ذکر الموت، صفحہ:465، رقم:155