Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

جي گهرائي تمام وڌيڪ هوندي. ان جهنم جو زيور لوهي گُرز ۽ ان جو پاڻي پونءَ آهي، ان ۾ الله پاڪ جي رحمت جو ڪو حصو ناهي. هي ٻڌي ڪري ماڻهو تمام گهڻو رُنا پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  ارشاد فرمايو: ان کان بعد به هڪ ڏينهن آهي. (جنهن جي باري ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:)

وَ سَارِعُوْۤا اِلٰی مَغْفِرَۃٍ  مِّنْ رَّبِّکُمْ وَ جَنَّۃٍ عَرْضُہَا السَّمٰوٰتُ وَ الْاَرْضُ ۙ اُعِدَّتْ  لِلْمُتَّقِیْنَ (۱۳۳)ۙ

ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي رب جي بخشش ۽ ان جي جنت ڏانهن ڊوڙو جنهن جي چوڙائي آسمانن ۽ زمين جي برابر آهي. اها پرهيزگارن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.

الله پاڪ اسان کي ۽ توهان کي جنت ۾داخل ڪري ۽ دردناڪ عذاب کان بچائي.[1]

باقي زندگي انمول آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اهائي صحيح ڳالھ آهي، اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته جنت جي طرف ڊوڙون، ان ۾ بلڪل دير نه لڳايون، بس اَڄ کان اسان پنهنجو هي پڪّو ذهن بڻايون، پهريان جيڪا زندگي گذري، جيئن گذري، سا گذري وئي، هاڻي کان اسان نيڪين ۾ دل لڳائينداسين، پهريان جيڪي گناھ ٿي ويا، انهن گناهن جي سچي دل سان توبه ڪنداسين، آئينده ڪڏهن به گناهن جي ويجهو نه وينداسين ۽ بس آخرت جي فڪر ۾ مصروف ٿي وينداسين. حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو نهايت پيارو ارشاد آهي، پاڻ فرمايائون: بَقِیَّۃُ عُمْر ِالرَّجُلِ لَا ثَمَنَ لَہٗ يعني انسان جيڪا زندگي باقي آهي، اها انمول


 

 



[1] تنبیہ الغافلین، باب عذاب القبر، صفحہ:20۔