Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

فڪر ۾ مشغول رهڻ وارو ۽ پوءِ انهي حالت ۾ مري ڪري اونداهي قبر جون سيڙهيون لهڻ وارو پنهنجي دنياوي مال مان ڪو فائدو نه کڻي سگهندو، وارث سندن مال تي قبضو بلڪ مال حاصل ڪرڻ جي لاءِ جهيڙو ڪري پنهنجي واٽ وٺندا ۽ هي نادان انسان مال جمع ڪرڻ جي ڌن ۾ مست رهندي حلال و حرام ۾ فرق ويساري ۽ گناهن ڀري زندگي گذارڻ جي ڪري عذاب نار جو حقدار بڻجندو آهي.

دولتِ دُنیا کے پیچھے تُو نہ جا                                                                                                آخِرت میں  مال کا ہے کام کیا؟

مالِ دُنیا دوجہاں  میں  ہے وبال                                                                            کام آئے گا نہ پیشِ ذُوالجلال

هلاڪت ۾ وجهڻ واريون ٻه شيون

پيارا اسلامي ڀائرو! هي دنيا دوکي جو گهر آهي، جلد ئي فنا ٿي ويندو، اسان هي ڳالھ ڄاڻيون ٿا پر افسوس! اسان فڪر نٿا ڪيون، حضرت موليٰ علي
رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اسان کي نصيحت ڪندي فرمائن ٿا: مان توهان جي باري ۾ 2 ڳالهين جو خوف ڪيان ٿو: (1) ڊگهيون اميدون (يعني ڊگهو عرصو زندھ رهڻ جي توقع) (2) خواهشات جي  پيروي. بيشڪ ڊگهي اُميّد آخرت وسارڻ جو سبب آهي ۽ خواهشن جي پيروي انسان کي حق جي رستي کان ڀٽڪائي ڇڏيندي آهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ئي ٻه وڏيون بيماريون آهن جن اسان کي دوکي ۾ وجهي رکيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته اڃا ڪافي زندگي پئي آهي، اڃا مون کي هيترو عرصو زندھ رهڻو آهي بلڪه سچ چوان ته مرڻ جو خيال ته اچي ئي نٿو، ڪنهن جي مرڻ جي اِطّلاع ملندي آهي ته اسان دل ئي دل ۾ پاڻ کي ڪوڙيون تسليون ڏيندا آهيون، مثلاً *  هُو دل جو مريض هيو،  ان کي ڪينسر ٿي وئي هئي، انهي ڪري هلي پيو * فلاڻو ڊرائيونگ صحيح نه ڪندو هو، انهي ڪري حادثي جو شڪار ٿي ويو *  فلاڻو احتياط نه ڪندو هو، انهي ڪري بجلي جي


 

 



[1] الزہد لابن مبارک، باب النہی عن طول الامل، صفحہ:110، رقم:255