Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

هيون ۽ هميشه فڪرِ آخرت ۾ مصروف رهنديون هيون *  17 رمضان المبارڪ تي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها هن دنيا مان  رخصت ٿي ويون، سندن مزار پاڪ جنّتُ البقيع ۾ آهي.[1] ۽ 21 رمضان المبارڪ تي مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت موليٰ علي شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شهادت جو ڏينهن آهي.[2]   

موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو مختصر تعارف

 پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه مسلمانن جا چوٿان خليفا آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا، 10 سالن جي عمر مبارڪ ۾ اسلام قبول ڪيائون.[3] پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي والده  سندن نالو حيدر جڏهن ته والد سندن نالو علي رکيو، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کيس اَسَدُالله جي لقب سان نوازيو، اَسَدُ الله جي معنٰي آهي: شيرِ خدا يعني الله پاڪ جو شينهن.[4]

علی المرتضیٰ شیرِ خُدا ہیں                                                                                                کہ ان سے خوش حبیبِ کبریا ہیں

    مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه مهاجرينِ اوّلين(يعني ابتدا ۾ ئي هجرت ڪرڻ وارا) ۽ عَشَرَه مُبَشّرَه (يعني اهي ڏهه خوش نصيب صحابه جن کي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نالو وٺي ڪري جنت جي بشارت ڏني، انهن) مان آهن. غزوه بدر، احد وغيره ۾ شريڪ ٿيا.[5] سندن شجاعت ۽ بهادري تمام گهڻي مشهور ۽ معروف آهي.  مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني 
رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شهادت کان بعد کين مسندِ خلافت تي تشريف فرما ٿيا[6]

پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  4 سال، 8 مهينا ۽ 9 ڏينهن تائين خلافت جون ذميداريون نهايت


 

 



[1] سیرتِ مصطفےٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:657تا662ملتقطاً

[2] کراماتِ شیر خدا ، صفحہ : 13 ملخصاً ۔

[3] کراماتِ شیر خدا ، صفحہ : 12 ملخصاً ۔

[4] مرآۃ المناجیح ، جلد : 8 ، صفحہ : 412  ملخصاً۔ ۔

[5] اسد الغابہ ، جلد : 4 ، صفحہ : 88بتغیر

[6] تاریخ الخلفاء ، صفحہ : 111