Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

کي مالڪ جنت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   هڪ ڀيرو نه بلڪ ڪيئي ڀيرا جنت جي خوشخبري ٻڌائي آهي بلڪ هي اهي آهن جن جي محبت جنت ۾ وڃڻ جو سبب بڻجي ويندي آهي پر انداز ڏسو! خوفِ خدا جو عالم ڏسو! آخرت جي فڪر ڏسو!رات جي اونداهي ۾ ربّ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڏڪي رهيا آهن، روئي رهيا آهن، ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، دنيا کي ڌِڪاري ۽ آخرت جي فڪر ۾ مصروف رهن ٿا.

پر افسوس! اسان جي حالت انتهائي خراب آهي * نيڪي نالي جي به ناهي     * اعمالنامو گناهن کان ڀريو پيو آهي. * نه ظاهر چڱو آهي * نه باطن پاڪ آهي، ان جي باوجود ڪا فڪر ناهي....!! * رڳو ڏينهن رات دنيا، دنيا ۽ دنيا ڪمائڻ جي فِڪر آهي * مال جي حرص آهي، هَوَس آهي * کائڻو ڇا آهي؟    * پائڻو ڇا آهي؟ * مستقبل ڪيئن ٿيندو؟ * هڪ ڪاروبار ته هلي رهيو آهي، ٻيو ڪيئن هلندو؟ * هڪ جاءِ کان چڱي آمدني ٿي رهي آهي، آمدني جا وڌيڪ ذريعا ڪيئن کوليا وڃن؟ * ڪار، ڪوٺي، بنگلو ڪيئن ملندو؟ بس اها ئي فڪر آهي، نه توبه جا ڳوڙها، نه شرمندگي، نه پڇتاءُ، نه ئي ڪو فڪر آهي، بس ڏينهن رات غفلت ۾ گذرندا پيا وڃن....!!!

دِل سے مرے دُنیا کی محبّت نہیں جاتی                                               سرکار! گُنَاہوں کی بھی عادَت نہیں جاتی

دِن رات مسلسل ہے گُنَاہوں کا تسلسل                                     کچھ تم ہی کرو نا یہ نحوست نہیں جاتی

گو پیشِ نظر قبر کا پُرھول گڑھا ہے                                                                             افسوس! مگر پھر بھی یہ غفلت نہیں جاتی ([1])

آخرت چاهڻ وارا بڻجو....!!

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان کي فڪر آخرت نصيب ٿي وڃي. يقين


 

 



[1]...  وسائلِ بخشش، صفحہ382ملتقطاً ۔