Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي ايماني جذبي جي سامهون نه انهن جو مال ڪم آيو، نه طاقت ڪم آئي، نه ئي اَفرادي قُوّت ڪجھ بگاڙي سگهي، ان ڏينهن الله پاڪ مسلمانن کي اها عظيم الشان فتح نصيب فرمائي جو ان سان حق ۽ باطل ۾ فرق واضح ٿي ويو.[1] * اهڙي طرح 19 رمضان المبارڪ تي پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري شهزادي حضرت رُقَيَّه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو عرس پاڪ ٿيندو آهي، جڏهن پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم غزوه بدر جي لاءِ روانا ٿيا، اُن وقت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها بيمار هيون، 19 رمضانُ المبارڪ تي جڏهن غزوه بدر ۾ فتح جي خوشخبري مديني پهتي، اُن وقت ماڻهو حضرت رقيه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي دفن ڪري رهيا هئا. ([2])   

     الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪهڙي قرباني آهي..!! شهزادي صاحبه بيمار هيون، اُن جي باوجود رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسلام جي سربلندي جي لاءِ بدر ۾ تشريف کڻي ويا..!!!

حق کی راہ میں پَتّھر کھائے خون میں نہائے طائف میں

دِین  کا  کتنی  محنت  سے  کام  آپ  نے  اے  سلطان  کیا([3])

* 17 رمضان المبارڪ ئي تي مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ صديقه بنتِ صديق حضرت عائشه صدّيقه طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها جو عرس پاڪ به آهي. * سيده عائشه     رَضِىَ اللهُ عَنْها تمام گهڻيون عظمت واريون خاتون آهن. * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جون محبوب گهر واريون آهن * حضرت صديق اڪبر    رَضِىَ اللهُ عَنْه جون شهزاديون آهن. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها تمام وڏيون عالمه، فاضله، مفتيه هيون. *     تفسير، حديث ۽ فقه(يعني اسلامي احڪام جي علم) ۾ نهايت مهارت رکنديون هيون* ڪثرت سان روزا رکنديون هيون * تمام گهڻي عبادت ڪنديون هيون * تمام گهڻيون سخي هيون * دنيا کان بي رغبتي رکنديون

 



[1] سیرت مصطفےٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:210تا232ملتقطاً ۔

[2]...بذل القوۃ، القسم الثانی، الباب الثالث، الفصل الثانی فی حوادث...الخ، صفحہ:430۔

[3]...وسائِلِ بخشش صفحہ:197 ۔