Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Mola Ali Aur Fikr e Akhirat

الله اڪبر! ڇا شان آهي...!! * اسان جا نبي، پيارا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته اهي هستي آهن جو سندن هڪ گهڙي جو ڪروڙين حصو به ڪڏهن فضُول ڪمن ۾ نه گذريو. * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به بي فائده ڪم ڪيو هجي، ان جو ته ڪڏهن تَصوُّر به نٿو ڪري سگهجي. * بلڪه پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته اهي آهن جن جون اَدائون دين آهن. جن جي طريقن کي اپنائڻ عبادت آهي. بلڪه هڪ عاشق رسول چيو:

تیری گلی میں آنا، تجھے تکنا، تیری ہی باتیں کرنا

عِبَادت، ریاضت، اَہْلِ دِل اس کو کہتے ہیں

  جڏهن آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اهڙي عظيم شان آهي ۽ سندن به رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ عبادت ۾ اضافو فرمائيندا هئا ته غور فرمايو! ڪيتري ڪثرت سان عبادت ڪندا هوندا....!! انهيءَ ڪري اسان غلامن کي به گهرجي ته * عبادت ۾ دل لڳايون* خوب ذوق و شوق سان، ظاهري باطني آداب جو خيال رکندي روزا رکندا رهون* ماھِ رمضان جا روزا ته فرض آهن، رکڻائي رکڻا آهن، انهن جي ته موڪل ئي نٿي ٿي سگهي * ان کان پوءِ به نفل روزن جي عادت بڻايو*  ۽ عبادت به ڪثرت سان ڪيو* خوب تلاوت ڪيو* نفل پڙهو* تهجد پڙهڻ اڄڪلھ نهايت آسان آهي، سحري جي لاءِ ته اٿڻو ئي اٿڻو آهي، تهجد به پڙهي وٺو. * سحري جي وقت توبه، استغفار جا کوڙ فضائل آهن، هي به ڪري وٺو* پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪندا رهو. * اشراق و چاشت ۽ اَوابين جا نفل به پڙهڻ جي عادت بڻايو        * تراويح مڪمل 20 رڪعتون ادا ڪندا رهو* خوب درود پاڪ جي ڪثرت ڪيو* هلندي، ڦرندي، اٿندي ويهندي الله پاڪ جو ذڪر جاري رهي * زبان فضوليات کان روڪي ڪري ذڪرُ الله ۾ لڳايو* دل، دماغ کي الله پاڪ جي