Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

مجھے دونوں جہاں کے غم سے بچا                                                                                                شاد رکھ شاد دائما یاربّ!([1])

ماڻهو غفلت ۾ آهن

الله پاڪ قرآن حڪيم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَ هُمْ فِیْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ

ترجموڪنزالعرفان: ماڻهن جو حساب ويجهو اچي ويو ۽ اهي غفلت ۾ منهن ڦيريون پيا آهن. (17 هون سيپارو سورت انبياء: 1)

 سلطان العارفين حضرت شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اي دنيا جا طلبگار! تو الله پاڪ جي محبت، آخرت جي نعمتن، هميشه رهڻ واري خوشين ڀري پرسڪون زندگيءَ جي بدلي دنيا جي عارضي، فاني عيش عشرت کي اپنايو، توکي اهو مشورو ۽ تسلي ڪنھن ڏني جو تو اهڙو نقصان وارو واپار ڪيو، تنھنجي اها دنياوي زندگي ڇا آهي؟ هيءَ ته ائين گذري ويندي جيئن پاڻيءَ ۾ پتاشو(کنڊ مان ٺهيل هڪ قسم جي مٺائي) ڳري ويندو آهي، پوءِ توکي تنگ تاريڪ يعني سوڙهي ۽ انڌيري قبر ۾ ليٽايو ويندو، جتي تون پاسو به نه مٽائي سگهندي، پوءِ حقيقي مالڪ يعني الله پاڪ تو کان  اهڙو حساب وٺندو جنھن ۾ معمولي ڪمي پيشي نه ٿيندي توکي زندگيءَ جي هڪ هڪ پل جو حساب ڏيڻو پوندو.[2]

اي عاشقان رسول! غور فرمايو! اهو ڪيڏو بي وسيءَ جو ڏينهن هوندو، ڪيڏي بي ڪسي هوندي، اسان ڪيترا لاچار هونداسين، جڏھن مَلَڪُ الۡموت عَلَیْہِ السَّلَام تشريف کڻي ايندو، ساھُ اٽڪندو، آخري هِڏڪي ايندي ۽ روح جسم کان جدا ٿي ويندو، افسوس! ان ڏينهن نه ڪنھن بادشاھ کي ان جي بادشاهي بچائي


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحو:86 ۔

[2] ابیاتِ باہُو، صفحہ:325، ملخصاً۔