Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
اي عاشقانِ رسول! سُٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري ٿا وٺون. * الله پاڪ جي رضا لاءِ بيان ٻُڌندس * باادب ويهندس* خوب توجه سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حضرت بِڪۡر بن عبدالله رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن: بني اسرائيل جو هڪ بادشاھ هُيو، ان وٽ الله پاڪ جو ڏنل سڀ ڪجھ هيو، مال ۽ دولت گھڻو هو، ان جي عمر به تمام وڏي هُئي، الله پاڪ ان کي پُٽ به ڏنا هئا، ان هوندي به هڪ مسئلو هُئس، بادشاھن کي عموماً اهو فڪر رهندو آهي ته ان کان پوءِ انھن جو وارث ۽ جانشين ڪير ٿيندو...؟ ان بادشاھ کي به اھوئي فڪر هو، الله پاڪ ان کي پُٽَ ته کوڙ عطا فرمايا هئا پر مسئلو هي هيو ته جڏھن ان جا پٽ جوان ٿيندا هئا ته * دنيا کان منهن موڙي ڇڏيندا هئا * وارن وارو لباس پهريندا هئا * جهنگلن ڏانھن نڪري ويندا هئا * جبلن ۾ رهندا هئا * وڻن جا پنَ کائيندا هئا * دنيا کان پري الله پاڪ جي عبادت ۾ زندگي گذاريندا هئا. هاڻي بادشاھ کي وڏو فڪر هو ته سڀ پٽ ته دنيا کان پاسيرا ٿي ويا آهن ان کان پوءِ ملڪ ڪير سنڀاليندو؟ الله پاڪ جو ڪرڻ ڪجھ هن طرح ٿيو جو بادشاھ جي گھر ۾ هڪ ٻيو پٽ ڄائو، بادشاھ کي فڪر هو ته ڪٿي هي به پنھنجن ڀائرن وانگر جهنگل ڏانهن نه نڪري وڃي، تنهنڪري بادشاھ پنھنجي رعيت کي گڏ ڪيو، ۽ چيو منهنجي عمر ڪافي ٿي چڪي آهي، مونکي خوف آهي ته منهنجو هي پٽ به پنھنجن ڀائرن وانگر بادشاھت کان پاسيرو نه ٿي وڃي پوءِ توهان بادشاھ کان بغير رهجي ويندؤ ۽ ملڪ تباھ ۽ برباد ٿي ويندو، تنهنڪري هاڻي