Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

گناهن سان ڀرپور زندگيءَ ۾ نمايان انقلاب

ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ مان گناهن سان ڀرپور زندگي گذاري رهيو هئس، دُنياوي لذتن ۾ مصروف رهڻ منهنجو معمول بڻجي ويو هو، خراب دوستن جي صحبت مون کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو هو، دوستن سان گڏجي رات ڀر گناهن جو سلسلو جاري رهندو هو. هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مغرب جي وقت نماز لاءِ دعوت ڏني، نه ڄاڻ سندن دعوت ۾ ڪهڙو اثر هو جو مان انهن سان گڏ مسجد ڏانهن هلڻ لڳس، نمازِ مغرب ادا ڪئي، نماز کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاءُ فيضانِ سنت مان درس ڏنو. درس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن سنتن سان ڀرپور هفتيوار اجتماع ۾ وڃڻ جي تياري شروع ڪئي. هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي به اجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏني، سندن انداز ايترو پيارو هو جو مان فوراً اجتماع ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿي ويس. پوءِ جلدي ئي اسلامي ڀائرن سان گڏجي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه(ڪراچي) جي فضائن ۾ پهتس، اتي سنتن سان ڀرپور بيان ٻڌو، ذڪرِ الله ۾ مصروف رهيس، پوءِ رقَّت انگيز دعا ٿي. الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جو مون تي ايترو اثر ٿيو جو مون دعا دوران روئي روئي ڪري پنهنجي گناهن کان توبه ڪئي ۽ مستقبل ۾ زندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪّي نيت ڪري ڇڏي. مون تي عجيب سڪون ۽ خوشيءَ جو عالم طاري ٿي ويو. اجتماع کان واپس اچي مون نماز جي پابندي شروع ڪئي ۽ نيڪين سان ڀرپور زندگي گذارڻ ۾ مصروف ٿي ويس۔  ([1])

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے                                                             نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول

یقیناً مقدَّر کا وہ ہے سکندر                                                                                                               جسے خیر سے مل گیا دینی ماحول


 

 



[1]...میں نے ویڈیو سینٹر کیوں بند کیا، صفحہ:12