Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

آيت سڳوري تلاوت فرمائي:[1]

اِنَّمَا نَعُدُّ لَهُمْ عَدًّاۚ(۸۴) (16 هون سيپارو سورت مريم: 84)

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے

غفلت سے مگر دل کیوں بیدار نہیں ہوتا

افسوس ! آخري پساھ

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ دنيا فاني آهي، اسان فاني آهيون، اسان جو سڄو ساز  ۽ سامان به فاني آهي، وقت هڪ تيز تلوار وانگر اسان جي زندگيءَ کي ڪٽيندو گذري رهيو آهي، افسوس! عنقريب پساهن جي ڳڻپ پوري ٿيندي، آخري هڏڪي ايندي، جسم تڙپندو، روح نڪرندو، اسان جي ڌڙڪن هڪ دم رڪجي ويندي پوءِ اسان کي اونداهيءَ قبر ۾ لاٿو ويندو.

صحابيء رسول حضرت عبد اللہ بن عباس رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمَا جڏهن هيءَ آيت سڳوري تلاوت فرمائيندا هئا،

اِنَّمَا نَعُدُّ لَهُمْ عَدًّاۚ(۸۴) (16 هون سيپارو سورت مريم: 84)

ته روئندي فرمائيندا هئا: * آخري پساھ هوندو جڏهن روح ڪڍيو ويندو * آخري پساھ هوندو، جيڪو اسان کي گهر وارن کان جدا ڪري ڇڏيندو


 

 



[1] احیاء العلوم، کتاب ذکر الموت ومابعدہ، الباب الثانی فی طول الامل...الخ، جلد:4، صفحہ:557۔