Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
ڪيو. ([1])
نیکیاں کر جلد تُو بدیوں سے بھاگ قبر میں ورنہ بھڑک اُٹھے گی آگ
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ دنيا آخرت جي تياريءَ لاءِ خاص آهي، اسان کي گهرجي ته موت کي ياد رکون، فڪرِ آخرت ڪيون ۽ نيڪين ۾ دل لڳايون، اسان جيڪڏهن هڪ ڪم ڪيون ته سڀ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، اهو ڪم آهي: موت جي ياد، اسان جڏهن قبر کي وساري ڇڏيندا آهيون ته دل تي غفلت ڇانئجي ويندي آهي، قبر کي وسارڻ وارا تڪبر ڪندا آهن، قبر کي وسارڻ وارا خود پسندي ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، قبر کي وسارڻ وارا نمازون قضا ڪندا آهن، قبر کي وسارڻ وارا گناهن ۾ مصروف رهندا آهن، قبر کي وسارڻ وارا نيڪين کان پري رهندا آهن، قبر کي وسارڻ وارا ڌوڪو ڏيندا آهن، لڙائي جهڳڙن ۽ دنيا جي جهَنجهَٽَن ۾ ڦاسندا آهن. جيڪڏهن اسان قبر کي ياد رکون، موت کي ياد ڪندا رهون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪ مسلمان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، تنهنڪري موت کي ياد ڪرڻ جي عادت بڻايو! موت جو تصور ڪيو! * حضرت اَنَس بن مالڪ رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: موت کي ڪثرت سان ياد ڪندا ڪيو ڇو ته اهو گناهن کي گهٽائيندو ۽ دنيا کان بي رغبتي پيدا ڪندو آهي ([2]) *حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اسان کي هڪ بزرگ هيءَ ڳالھ ٻڌائي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص کي وصيت فرمائي ته تون موت کي گھڻو ياد ڪندو ڪر اهو توکي ٻين غمن کان آزاد ڪري ڇڏيندو.([3]) * حضرت دَقَّاق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه