Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
پيارا اسلامي ڀائرو!بيان کي اختتام طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجھ زندگيءَ جا آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنھن منھنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنھن مون سان مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: مُڇيون ڪٽرايو ڏاڙهيون وڌايو مجوسين جي مخالفت ڪيو!( مسلم، کتابُ الطہارت، باب:خِصَالُ الْفِطْرۃ، صفحہ:153، حدیث:257۔)
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبياء آهي * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مُٺي جي مقدار رهندي هئي * جيڪڏهن هڪ مُٺي جي مقدار کان وڌي ويندي هئي ته گھٽ ڪرائيندا هئا * رسول ڪريم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ ويڪر ۾ اهڙي هئي جو سيني مُبَارڪ کي ڀري ڇڏيندي هئي۔(
انوارِ جمالِ مصطفےٰ، صفحہ:157 خلاصۃً)
* اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏاڙهي ڪٽرائڻ ۽ مڇيون وڌائڻ کي سخت ناپسند ڪندا هئا * بهارِ شريعت ۾ آهي: ڏاڙهي ڪٽرائڻ يا هڪ مُٺي کان گھٽ ڪرڻ حرام آهي.( بہارِ شریعت، حصہ:16، جلد:2، صفحہ:586۔)