Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

غفلت جا ڪُجھ سببَ

پيارا اسلامي ڀائرو! خوش نصيب شهزادي تي الله پاڪ جي ڪيڏي ڪرم نوازي ٿي...! ان سموري زندگي عيش عشرت ۾ گذاري، بادشاھ ۽ رعيت ملي جُلي ڪري به وڏي ڪوشش ڪئي ته شهزادي جي توجھ آخرت ڏي بلڪل به نه وڃي، دنياوي عيش عشرت جو سامان ان کي فراهم ڪيو ويو، هر طرح سان ان جي دل ۾ دنيا جي محبت داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر شهزادي جي خوش قسمتي جو صرف هڪ جنازو ڏسي ان عبرت حاصل ڪئي ۽ آخرت جي تياريءَ ۾ مصروف ٿي ويو افسوس هڪ اسان آهيون * روزانو جنازا کڄندي ڏسون ٿا * مسجدن ۾ اعلان ٿيندي ٻڌون ٿا * خبرون ملن ٿيون: اڄ فلاڻي جي پٽ فلاڻي جو انتقال ٿي ويو * اسان زندگيءَ ۾ ڪيئي جنازا ڏٺا هوندا * ڪيترن مُردن کي اسان هٿن سان قبر ۾ لاٿو هوندو پر افسوس! اسان عبرت حاصل ناهيون ڪندا، اسان ڄاڻون ٿا ته اسان جو به انجام اهو ئي آهي  * اڄ فلاڻي جو اعلان ٿي رهيو آهي سڀاڻي منهنجو به اعلان ٿيندو * اڄ فلاڻي جو جنازو کنيو ويو آهي عنقريب منهنجو جنازو به کڄندو * اڄ فلاڻو قبر جي کڏ ۾ لٿو آهي سڀاڻي مونکي به اتي پهچڻو آهي پر اسان سبق نٿا سکون، افسوس! * نفسِ اَمَّاره (گناهن تي ڀڙڪائڻ وارو نفس) حاوي آهي   * شيطان غافل ڪيو ويٺو آهي * گناهن دل کي گندو ڪري ڇڏيو آهي    * دنيا جي محبتَ اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن * وڏيون اميدون آهن      * بس هر وقت ڪمائڻ کائڻ جو فڪر آهي * دنياوي مستقبل جون سوچون آهن * مان اڄ هتي آهيان * سڀاڻ، پرِيهن، هفتي بعد مھيني بعد ڪٿي پهچندس* آئندہ پنجن سالن جي پلاننگ* ماڻهو پنجاھ سالن جي پلاننگ ڪري رهيا هوندا آهن، اسان ڄاڻون ٿا ته مرڻو آهي، هي به ڄاڻون ٿا ته موت ڪنھن به لمحي اچي سگھي ٿو، ان جي باوجود نه ڄاڻ ڇو دل ۾ ڪٿي اهو خيال رهي ٿو* مونکي هيئنر موت ناهي اچڻو * مون کي ته اڃان وڌيڪ جيئڻو آهي ته * اڃان ته ٻارن جون شاديون به ڪرائڻيون آهن * پوءِ نانو ڏاڏو به