Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

* افسوس...! آخري پساھ هوندو، پوءِ توکي قبر ۾ لاٿو ويندو. [1]

دنيا ڌوڪي ۾ نه وجھي

پيارا اسلامي ڀائرو! ان کان  پهريان جو اهو موقعو اچي، اسان جا پساھ ختم ٿي وڃن، ان کان پهريان اسان کي غفلت کان سُجاڳ ٿيڻ گهرجي، دنيا ڌوڪي جو گھر آهي، اسان کي ان دوکي کان نڪري ڪري آخرت جي تياريءَ ۾ مصروف ٿيڻ گهرجي،

الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاٙ-(22هون سيپارو سورت فاطر: 5)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي انسانو! بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي پوءِ هرگز دنيا جي زندگي توهان کي ڌوڪو نه ڏئي.

موت اچانڪ اچي ويندو

حضرت عبدالله بن عُمَر رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمَا هڪ شخص کي نصيحت ڪندي فرمايو: او ڀائو! ڇا تون ڄاڻي ٿو ته موت تنهنجي سامهون آهي، اچانڪ اچي ويندو، نه ڄاڻ تو وٽ صبح جو اچي يا شام جو رات جو اچي يا ڏينهن جو پوءِ هولناڪ قبر ۽ منڪر نڪير سان ملاقات ٿيندي پوءِ قيامت جو اهو ڏينھن جنھن ۾ باطل پرستن کي نقصان ٿيندو. ([2])

بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار                                                                                                     تُو اچانک موت کا ہوگا شکار


 

 



[1] روح البیان،پارہ:16، سورۂ مریم، زیرِ آیت:84، جلد:5، صفحہ:359 ۔

[2]... شعب الايمان، باب في حفظ اللسان،جلد:4،صفحہ:214، رقم: 4834۔