Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ! جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!
پيارا اسلامي ڀائرو! موت بس اچڻ وارو ئي آهي، اسان هِتان وڃڻ وارا ئي آهيون، افسوس! اسان هڪ دفعو ئي آيا آهيون، هڪ دفعو هي ساھ ٽُٽي پيو، اسان موت جي رستي قبر ۾ لهي وياسين، بس وري واپس ڪڏهن به موٽي نه اينداسين.
حضرت ابو زَڪَريَّا تَيمِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: خليفو سليمان بن عبدالملڪ مسجد حرام شريف ۾ موجود هو ته ان وٽ هڪ پٿر آندو ويو جنھن تي ڪا تحرير لکيل هئي، ان ڪنهن اهڙي شخص کي سڏڻ جو حڪم ڏنو جيڪو ان کي پڙهي سگهي، اهڙي طرح مشهور تابعي بزرگ حضرت وهب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تشريف کڻي آيو ۽ ان کي پڙهيائين، ان تي لکيل هو: اي ابن آدم! جيڪڏهن تون پنھنجي موت جي قريب هجڻ کي ڄاڻين وٺين ته تون وڏين وڏين اميدن کان ڪنارو ڪري پنھنجي نيڪ عملن ۾ اضافو ڪرين ۽ حرص، لالچ ۽ دنيا ڪمائڻ جون تدبيرون گھٽ ڪري ڇڏين، (ياد رک) جيڪڏهن تنھنجا قدمَ تڙڪي پيا * ته قيامت جي ڏينهن توکي شرمندگي ٿيندي * تنھنجا اهل ۽ عيال توکان بيزار ٿي ويندا ۽ توکي تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ڏيندا* تنھنجا ماءُ پيءُ ۽ عزيز ۽ احباب به توکان جدا ٿي ويندا. * تنھنجو اولاد ۽ ويجھا مائٽ تنهنجو ساٿ نه ڏيندا، پوءِ تون نه موٽي دنيا ۾ اچي سگهندين نه نيڪين ۾ اضافو ڪري سگهندين. بس ان حسرت ۽ ندامت واري گهڙيءَ کان پهريان آخرت لاءِ عمل ڪري وٺ. (ذَمُّ الھَویٰ ص 434 )
وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی
جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی
بس اب اپنے اس جہل سے تُو نکل بھی