Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

فرمانبرداريءَ کان هٽي ڪري، دنياوي لذتن ۾ گذاري ڇڏيا آهن.

پوءِ خوشي ڪهڙي ڳالھ جي ؟

حضرت اِبْنِ سَمّاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سامھون هڪ دفعو ھيءَ آيت سڳوري پڙهي وئي:

اِنَّمَا نَعُدُّ لَهُمْ عَدًّاۚ(۸۴) (16 هون سيپارو سورت مريم: 84)

پاڻ فرمايائون: جڏھن پساھَ ڳڻپ جا آهن ۽ هوندا به مختصر آهن، پوءِ ته معاملو ڪيترو جلد ختم ٿي ويندو،

هڪ بزرگ فرمائن ٿا: توهان ان زندگيءَ تي خوش ڪيئن ٿا ٿي سگهو جنهن کي هر ساھ ڪٽيندو وڃي پيو.[1]

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے

دل آہ! مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا

هيءَ ساه جي مالها ([2])  بس هاڻي ٽُٽڻ واري آهي

حضرت حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جلدي ڪيو! جلدي ڪيو! توهان جي زندگي ڇا آهي؟ هي پساھ ئي ته آهن جو جيڪڏهن رڪجي وڃن ته توهان جي انھن عملن جو سلسلو به ختم ٿي وڃي جن سان توهان الله پاڪ جو قرب حاصل ڪيو ٿا. الله پاڪ ان شخص تي رحم فرمائي جنھن پنھنجو جائزو ورتو ۽ پنھنجي گناهن تي ڪجھ ڳوڙها وهايا، ائين چوڻ کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هيءَ


 

 



[1] روح البیان،پارہ:16، سورۂ مریم، زیرِ آیت:84، جلد:5، صفحہ:359 ۔

[2]...مڻين جي ڪنڍلي