Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
اللہ پاڪ اسان کي فڪرِ آخرت نصيب ڪري، ڪاش! قبرستان وڃڻ، عبرت جي نگاھ سان قبرن کي ڏسڻ ۽ موت کي هميشه ياد ڪرڻ نصيب ٿي وڃي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفته وار اجتماع
پيارا اسلامي ڀائرو! سنتن جو پابند بڻجڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلاميءَ جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به اڳتي وڌي خوب حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفته وار اجتماع به آهي. توهان کان گذارش آهي * پابنديءَ سان ان ۾ شرڪت ڪيو! * جيڪا ديني اجتماع ۾ ويهڻ ۽ ذڪر ڪرڻ وارن جي پنهنجي ته ڇا شان هوندي! حديث پاڪ جي مطابق جيڪو انهن جي ويجهو ويهي، اهو به بدبخت ناهي رهندو.[1]
* الحمدُ لله! هفتيوار اجتماع ۾ ذڪر ٿيندو آھي * دين جو علم به سکڻ لاءِ ملندو آھي * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ ۽ * مسجد ۾ وقت گذارڻ جو موقعو نصيب ٿيندو آھي * ھڪ اھم برڪت اھا آھي تہ ديني اجتماع لاءِ وڃڻ به الله جي راهه ۾ نڪرڻ جي برابر آھي. جيڪڏهن هفتيوار اجتماع ۾ شريڪ ٿيندؤ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ، گهر کان نڪرڻ کان وٺي واپس اچڻ تائين سمورو وقت الله جي راهه ۾ شمار ٿيندو. پابنديءَ سان هفتيوار اجتماع ۾ اول کان آخر تائين شرڪت جي نيت ڪريو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد