Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
کُوچ ہاں! اے بےخبر ہونے کو ہے کب تلک غفلت..! سحر ہونے کو ہے
دنياوي فڪرن ۾ رهڻ هلاڪت جو سبب آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪرڻ جو مقام آهي، حضرت عبدالله رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ پنھنجو گھر ٺاهي رهيا هئا وڏو بنگلو نه پيا ٺاهن ڪچو مٽيءَ جو ٺهيل گھر هو، برساتن وغيره سان ڪمزور ٿي ويو هو ان جي مرمت ڪري رهيا هئا، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي به فرمايو: عبدالله! موت ان کان به جلدي اچڻ وارو آهي.
افسوس! اسان کي دنيا جو فڪر کائيندو رهي ٿو * اسان کائينداسين ڪٿان؟ * پائڻو ڇا آهي؟ * صبح جو ته کاڌوسين شام جو ڪٿان ايندو؟ * مستقبل ڪيئن ٿيندو؟ * پوڙهائپ ڪيئن گذرندي؟ * ٻارن جو مستقبل ڪيئن هوندو؟ * هڪ ڪاروبار ته هلي پيو ٻيو ڪاروبار ڪيئن هلندو؟ * هڪ جاءِ تان آمدني سٺي اچي پئي پئي، آمدن جا وڌيڪ ذريعا ڪيئن وڌائجن * ڪار، گھر، بنگلو ڪيئن ملندو؟ * ڪاش! راتون رات امير ٿي وڃان وغيره وغيره هزارين قسمن جا فڪرَ دل ۾ پاليا آهن، انھن فڪرن ۾ صبح ٿئي ٿي انھن فڪرن ۾ رات ٿئي ٿي ۽ زندگي ائين ختم ٿئي ٿي، ڪاش اسان کي آخرت جو فڪر نصيب ٿي وڃي. صحابيء رسول حضرت عبد اللہ بن مسعود رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جنھن پنھنجي تمام فڪرن کي صرف هڪ فڪر يعني فڪرِ آخرت بڻايو ته الله پاڪ ان کي ان جي دنياوي فڪرن لاءِ ڪافي آهي ۽ جنھن جا فڪرَ دنيا جي احوال ۾ مشغول رهن ته الله پاڪ کي ان جي پرواھ نه هوندي ته هو ڪھڙيءَ واديءَ ۾ هلاڪ ٿي رهيو آهي. ([1])
ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دِن قبر میں ہو گا ٹھکانا ایک دِن