Book Name:Namaz Na Parhne Ke Nuqsanat
سستيءَ جي ڪري نماز ڇڏي ڏيندو آهي، ان کي دنيا ۾ به پنج سزائون ڏنيون وينديون آهن (1): ان جي عمر مان برڪت ختم ڪئي ويندي (2) ان جي چهري تان نيڪ ٻانهن جي نشاني مِٽائي ويندي. (3) الله پاڪ ان کي ڪنهن به عمل تي ثواب نه ڏيندو. (4) ان جي ڪا به دعا آسمان تائين نه پهچندي. (5) نيڪ ٻانهن جي دعائن ۾ ان جو ڪو حصو نه هوندو. ([1])
علّامه عبد الفتّاح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: نماز بلڪل نه پڙهڻ يا جماعت ڇڏي ڏيڻ جي سبب کان برڪت ختم ٿي ويندي آهي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! هي به ڪيڏيون نه عبرتناڪ سزائون آهن! نمازي جي عمر مان برڪت ختم ڪئي وڃي ٿي. اڄ اسان ڏسي وٺون، ائين ٿي رهيو آهي. موت جو اچڻ حق آهي، ان جو وقت مقرر آهي، موت پنهنجي مقرر وقت تي ئي ايندو آهي پر اسان ڏسون ٿا ته اوچتو موت جا واقعا وڌي ويا آهن. اهڙي طرح صبح ٿئي ٿي، شام اچي وڃي ٿي، وقت تيز هوا جي جھوٽي وانگر گذرندو وڃي رهيو آهي. اسان جا ڪم پورا ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. اهو صاف محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي وقت مان برڪت ختم ڪئي وئي آهي. هي به نماز نه پڙهڻ جي نحوست آهي ۽ وري نمازون نه پڙهڻ جي نحوست سبب روزيءَ مان به برڪت کنئي وڃي ٿي.
منقول آهي: هڪ بزرگ ٻيڙي تي سوار ڪاٿي وڃي رهيا هئا. اوچتو انهن جي نظر سمنڊ تي پئي ته ڏٺائون ته پاڻيءَ جا جانور هڪ ٻئي کي کائي رهيا آهن. انهن کي اهو ڏسي حيراني ٿي ۽ ملّاح کان پڇيو: هي ڪهڙو راز آهي؟ سامونڊي جانور هڪ ٻئي کي ڇو کائي رهيا آهن؟ ملّاح (يعني ٻيڙي هلائيندڙ) چيو: مان 10 سالن کان جانورن جي اهائي حالت ڏسي رهيو آهيان، پر مون کي هن جو راز معلوم ناهي. هي ڪي نيڪ بزرگ هئا، انهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪئي ته هاتِف (يعني غيب مان ڪنهن فرشتي) آواز ڏئي ٻڌايو: هڪ ڏينهن هڪ بي نمازيءَ جو سمنڊ ڏانهن گذر ٿيو، ان دوران ان کي اڃ لڳي ته ان سمنڊ مان هڪ ٻُڪ ڀري پاڻي